تماش گاهه …. سنڌ جي اڳوڻن وزيرن جي گهرن مان ڊالرن جي برآمدگي

سيپٽمبر 7, 2023

 قومي احتساب بيورو جي حوالي سان جيڪي خبرون گشت ڪري رهيون آهن، انهن مطابق نيب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي گهرن تي ڇاپا هڻي وڏيون رقمون برآمد ڪري رهيو آهي. ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ خوراڪ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا جي گهر تي ڇاپي ۾ 61 ارب رپين کانسواءِ ڊالر ۽ ٻين مختلف ملڪن جي ڪرنسي پڻ برآمد ٿي آهي. مڪيش چاولا جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان جي گهران برآمد ٿيندڙ رقم کان دستبرداري ڪندي پيپلز پارٽي جي اهم ترين شخصيت کي ان پئسي جو مالڪ قرار ڏنو آهي. اها شخصيت پاڪستان کان دبئي وڃي اتي ترسيل آهي. پارٽي جي ان اهم ترين اڳواڻ سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي اڳوڻن وزيرن کي به دبئي طلب ڪري ملاقاتون ڪيون آهن.

                 مڪيش چاولا گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ وزير آهي. هن صوبي جي مختلف شهرن ۾ شراب جا گتا کولڻ لاءِ تمام گهڻا اجازت نامه جاري ڪيا آهن. هڪ هڪ اجازت نامو جاري ڪرڻ جي ڳري رقم وصول ڪئي وئي هئي. سنڌ ۾ گاڏين جون نمبر پليٽون به ڪنهن مقصد کانسواءِ تبديل ناهن ٿينديون. مڪيش جو والد پنهنجي زماني ۾ چُنگي ناڪن جو سڀ کان وڏو ٺيڪيدار هوندو هو. مڪيش جي هڪ ڀيڻ سينيٽ جي ميمبر پڻ رهي آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير شازيه مري جي باري ۾ به اطلاع آهن ته ان جي گهران 97 ارب رپيا برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. شازيه جي پيپلز پارٽي سان پراڻي وابستگي آهي. سندس والد مرحوم عطا محمد مري ۽ والده مرحومه پروين مري به قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر هئا. ماءُ ۽ پيءُ مسلم ليگي هئا، پر ڌيءَ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ صوبي ۽ وفاق ۾ وزارتن ۾ شامل رهي. شازيه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انچارج هئي. ماضيءَ ۾ فرزانه ان پروگرام جي انچارج هئي ۽ اها به تمام وڏي رقم پاڪستان مان کڻي فرار ٿي آمريڪا ويئي ۽ هاڻي اتي رهي ٿي. نيب کان مڪيش ۽ شازيه مري توڙي ٻين سرڪاري آفيسرن جي گهرن تي ڇاپن ۽ وڏيون رقمون برآمد ٿيڻ جي اطلاعن جي تصديق جون ڪوششون ڪيون ويون، جيڪي ڪامياب نه ٿي سگهيون.

چيو وڃي ٿو ته مڪيش جي گهر جي هر حصي مان پئسا برآمد ٿيا آهن. ايتري قدر جو ان جي ملازمن جي گهران پڻ رقمون مليون آهن. حد ته اها آهي جو غسل خاني ۽ ڪاڪوس مان به ڊالر ۽ پرڏيهي ڪرنسي برآمد ٿي آهي. نيب انهن خبرن جي بر وقت تصديق يا ترديد ڇو نه پيو ڪري؟ اهڙي ريت شازيه جي گهر جي باري ۾ به اطلاع آهن. ڪراچي ۾ ڪورنگي ميونسپل ڪارپوريشن جي هڪ آفيسر جي گهر تي ته راولپنڊي کان اچي نيب جي ٽيم ڇاپو هنيو آهي ۽ هڪ چئنل تي اها خبر هئي ته ڇاپي دوران سون جون سرون برآمد ٿيون آهن.

ڪراچي ۾ هڪ بااثر سرڪاري آفيسر جي گهر تي ڇاپي ۾ 10 ڪروڙ ڊالر، 20 ڪروڙ پاڪستاني رپيا ۽ 500 تولا سون برآمد ٿيا آهن. ان کانسواءِ مهانگو شراب ۽ نائيجيرين ڪوڪين جو وڏو مقدار، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيا آهي، برآمد ٿيا آهن.

ڇاپي جي دوران ڪيترائي سرڪاري آفيسر ۽ پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي صوبائي وزيرن جا فرنٽ مين پڻ موجود هئا. چيو وڃي ٿو ته ان بنگلي تي سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وزيرن، سنڌ بيورو ڪريسي جي سيڪريٽرين، ڊائريڪٽرن ۽ سنڌ پوليس جي ايس ايڇ اوز توڙي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڪراچي جي ضلعن جي ٽائون آفيسرن جي ڪرپشن جي رقم جي وصولي ۽ رڪوري ٿيندي آهي. نيب راولپنڊي جي ڪارروائي ۾ ڪراچي ۾ ڪورنگي ميونسپل ڪارپوريشن جي هڪ اڳوڻي ذميدار آفيسر جي رهائش گاهه تي ڇاپو هڻي اربين رپين جي ماليت جا ڊالر ۽ سون برآمد ڪيو ويو آهي.

 سنڌ ۾ پابندي جي باوجود قيمتي سرڪاري ايراضي جي الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيزيشن جي معاملي تي نگران صوبائي حڪومت سرڪاري زمينن جي ورهاست جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ جي کاتي ڪراچي جي ضلعي اوڀر، ملير، ڪورنگي، ضلعي اولهه، ڪياماڙي ۾ الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيزيشن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.

 کاتي 28 آگسٽ تي تفصيل طلب ڪيا آهن پر سمورا مختيارڪار حقيقتون ۽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. کاتي ٻن ڏينهن ۾ تفصيل فراهم نه ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پارٽي جي اڳوڻن صوبائي ۽ وفاقي وزيرن خلاف منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هڪ بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چونڊون ويجهيون اچڻ تي پيپلز پارٽي جا مخالف ان قسم جا هٿڪنڊا استعمال ڪندا آهن. مخالفن کي خبر آهي ته اهي جيترا به اتحاد جوڙين، چونڊن ۾ سوڀ پ پ پ جي ئي ٿيندي. ناصر حسين شاهه اهو پڻ چيو ته اسان دبئي ۾ آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي آهي. اڳوڻي صدر چونڊن جي تياري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير گذريل آچر واري رات ڪراچي ۾ 50 ڪاروباري شخصيتن سان لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ۾ معيشت کي بچائڻ واري انقلابي مشن ۽ ان کي ڪامياب بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا جي اطلاعن مطابق، آرمي چيف چٽي ريت اهي واعدا ڪيا ته ملڪ مان ٽيڪس چوري ڪلچر، نان فائلر نظام، اسمگلنگ، رشوت، سنڌ جي ڪرپٽ “سسٽم” جو خاتمو ٿيندو. ڊالرائيزيشن، ايران مان تيل جي اسمگلنگ، افغانستان سان ٽرانزٽ ٽريڊ اسمگلنگ زيرو ٿيندي. ترت نجڪاري پروگرام جي شروعات ٿيندي. ڇهن مهينن ۾ ڪارپوريشنز کي سڌاريو ويندو. پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي شهرين، افغانين سميت سڀني کي واپس موڪليو ويندو. آرمي چيف کي پڪو ويساهه آهي ته چين سميت پاڪستان جا عظيم دوست ملڪ لڳ ڀڳ 75 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار آهن.

سنڌ ۾ جنهن وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ان جو مثال ئي نٿو ملي. ڪرپشن جي تلاءُ ۾ هڪٻئي کي ڏسندي ايئن ٿيو آهي، جيئن گدري کي ڏسي گدرو رنگ بدلائيندو آهي. جيڪڏهن مقتدر حلقا ڪرپشن جي ان وهندڙ گنگا تي ضابطو آڻي سگهن ته صوبي جي عوام جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ جهڙي طريقي سان عوام ڪرپشن جي سمنڊ ۾ ٻڏو آهي، ان کي روڪڻ وارو ڪوبه نه هو پر عوام جي ٻڏڻ سان گڏوگڏ ملڪ جو ٻيڙو به ٻوڙيو ويو آهي.

Leave A Comment