تماش گاهه … ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊون

نومبر 9, 2023

 وڏي ٻڏتر کانپوءِ اصل اقتدار ڌڻين ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرائي ڇڏيو آهي. آئيني گهرجن موجب عام چونڊون ڪرائڻ جا حامي ڪيترن ئي مهينن کان دٻاءُ وجهي رهيا هئا پر عام چونڊن جي التوا جا حامي مختلف اٽڪلن ۽ طريقن سان انهن کي ٽارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئا. سندن ان طريقي پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائي پيش ڪيو، جتي ڄڻ آئيني گهرجن کي ڪا اهميت نه ڏني ويندي هجي، پر اهو هڪ “بنانا ري پبلڪ” هجي. بهرحال عام چونڊن ڪرائڻ جي تاريخ 08 فيبروري طئي ڪري اعلان ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به ان تي تصديق جي مهر لڳائي ڇڏي آهي ته ان اعلان کانپوءِ چونڊن کي هاڻي اڳتي وڌائڻ نه گهرجي.

                 پاڪستان ۾ عام چونڊن جي انعقاد جو رڪارڊ منڍ کان وٺي بهتر نه آهي. 1970ع کان اڳ هتي “هڪ فرد- هڪ ووٽ” جي بنياد تي چونڊون نه ٿينديون هيون. اهو طريقيڪار جيڪو انگريزن جو جوڙيل هو، جنهن تحت وڏا زميندار ئي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندا هئا. 1970ع ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان “هڪ فرد- هڪ ووٽ” جي بنياد تي ڪيو ويو هو. عام تاثر ته اهو آهي ته 1970ع واريون چونڊون صاف ۽ شفاف هيون. ڇا واقعي اهي چونڊون پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي مونوگرام تي درج ٿيل اصولن جي بنياد تي ئي ڪرايون ويون هيون؟ اهي ته انهن چونڊن کي “آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ اڻ ڌريون” چون ٿا. جيڪڏهن ايئن هو ته ملڪ جي 1970ع ۾ اولهه پاڪستان جي ان وقت جي سينيئر سياستدان نوابزاده نصرالله خان کي ڪهڙي ضرورت پئي هئي، جو هن پنهنجي تبصري ۾ چيو هو ته، “ملڪ ۾ چونڊون آزاداڻيون ناهن ٿيون”. ٻئي طرف اوڀر پاڪستان جي سياسي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان چونڊن واري ڏينهن ئي چيو هو ته، “مون ‘لڙڪا لوگ’ (عوامي ليگ جا ڪارڪن) کان پڇيو ته چونڊون ڪيئن ٿي رهيون آهن؟ ته انهن جواب ڏنو ته 100 سيڪڙو. مون انهن کي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ‘پوڙهي’ جي سيٽ ته ڇڏجو.” (پوڙهي مان مراد ملڪ جي ان وقت عمر رسيده سياستدان نور الامين جي هئي). ائين ئي ٿيو هو. نور الامين ڪامياب ٿي سگهيو هو ۽ ٻيو فرد چڪما قبيلن جو سربراهه راجا تري ديوِ راءِ هو. مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 162 مان 160 سيٽن تي ڪامياب ٿي هئي. مخالفن کي عوامي ليگ جي مڪتي باهني، جيڪو ان وقت “ٿنڊر اسڪواڊ” هو، تهس نهس ڪري ڇڏيو هو پر افسوس جو مقام اهو هو ته عوامي ليگ کي اولهه پاڪستان مان هڪ سيٽ به نه ملي سگهي هئي. قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجود اقتدار عوامي ليگ کي منتقل نه ڪيو ويو هو. جنهن جي نتيجي ۾ گهرو ويڙهه جي ڪيفيت پيدا ٿي، فوج ڪارروائي ڪئي ته ڀارت مداخلت ڪري باقاعدي جنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو هو. عوامي ليگ اوڀر پاڪستان جو نالو تبديل ڪري بنگلاديش رکي ڇڏيو هو ۽ پاڪستان جي ٻه ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ ڀارت بنگلاديش جو اقتدار عوامي ليگ کي منتقل ڪري ڇڏيو هو. عوامي ليگ جو سربراهه اولهه پاڪستان ۾ بغاوت جي الزام ۾ قيد هو، جنهن کي اولهه پاڪستان ۾ اقتدار ۾ ايندڙ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه آزاد ڪري بنگلاديش روانو ڪري ڇڏيو هو، جتي ان کي “بنگلا بنڌو” قرار ڏنو ويو هو.

اولهه پاڪستان ۾ به ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلز پارٽي اڪثريتي جماعت جي حيثيت سان ڪامياب ٿي هئي. ٻين جماعتن ۾ مسلم ليگ، جميعت علماءِ پاڪستان، جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، نيشنل عوامي پارٽيءَ جا اميدوار ڪاميابي حاصل ڪري سگهيا هئا. 1970ع ۾ هوشمند سياستدان وڏي واڪ اهو اعتراف ڪندا آهن ته اولهه پاڪستان ۾ به چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي وئي هئي. چونڊن جي انعقاد جو عجيب افسوسناڪ داستان آهي پر سياستدانن ۽ اليڪشن ڪميشن ڪوبه سبق نه سکيو. چونڊن ۾ مختلف حلقا، سياستدان ڇو مداخلت ڪندا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڇو اکيون بند ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن به اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن سربراهه اهڙي اخلاقي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ئي ناهي ڪيو ته اهو استعيفا ڏيئي ڇڏي. انهن کي شايد پنهنجي اهليت ۽ قابليت تي اعتبار ۽ يقين ئي نه هو ته کين ٻيهر ڪٿي نوڪري ملي سگهندي.

1977ع جي چونڊن کانپوءِ ڌانڌلي جي الزام ۾ هنگاما ۽ احتجاج ٿيا هئا. ان کانپوءِ جنرل ضياءُ الحق پاڪستان ۾ مارشلا لاڳو ڪري ڇڏيو هو. ان جو اهو قدم آئين جي شق-6 جي موجودگيءَ باوجود کنيو ويو هو. آئين جي ان شق ۾ ڄاڻايل آهي ته آئين سان بغاوت تي ڪيس هلائي موت جي سزا ڏيئي سگهجي ٿي. 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر 1977ع کانپوءِ جنرل ضياءُ 1985ع ۾ غير جماعتي بنياد تي چونڊون ڪرايون هيون، جنهن ۾ “ڪنگز پارٽي” جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيا هئا. ان ملڪ ۾ ڪنگز پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ گهڻا ئي اميدوار ملي ويندا آهن ۽ نامزدگيءَ لاءِ سياسي ماڻهو به پنهنجون خدمتون آڇيندا آهن. ان کانپوءِ 1988ع ۾ عام چونڊون ٿيون. اهي چونڊون ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي پاڻ مرادو جلاوطني مان واپسي کانپوءِ ٿيون هيون. انهن چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ لاءِ اهو ممڪن ئي نه هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي سگهي. پيپلز پارٽي جي اڪثريت جي صورت ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ محترمه بينظير کي پنهنجي شرطن تي پابند ڪري اقتدار حوالي ڪيو هو، جنهن کي بي بي صاحبه به مجبوري جي حالت ۾ چئجي يا خوشيءَ مان چئجي، قبول ڪيو هو ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم بڻجي وئي هئي. 1988ع کانپوءِ، جيڪي به چونڊون ٿيون، سواءِ 2008ع جي چونڊن جي، سموريون چونڊون منصفاڻيون قرار نه ڏنيون ويون هيون. 2008ع ۾ چونڊون بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيون هيون، ان جي نتيجن ۾ به شڪ هئا. ٺٽي ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم جي موقعي تي تقرير ڪندي پيپلز پارٽي جي نامزد ٿيندڙ چيئرمين آصف علي زرداري چيو هو ته جيڪڏهن ڌانڌلي ڪئي وئي ته اهو اسلام آباد جي “سِر سان سِر وڄائي” ڇڏيندو. بينظير ڀٽو به عام  چونڊن کانپوءِ چيو هو ته اهو چمڪ جو نتيجو آهي. اهڙي ريت جڏهن 2018ع جي چونڊن کانپوءِ عمران خان جي وزيراعظم چونڊجڻ بعد ان جي مخالفن، خاص طور تي پيپلز پارٽي “سليڪٽڊ” جي اصطلاح جو تمام گهڻو استعمال ڪيو هو. هن تماش گاهه ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ نئين سر صفبندي ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سندرا ڪشي چڪا آهن. تحريڪ انصاف زخمي حالتن ۾ به چونڊن ۾ حصو وٺي رهي هوندي. چونڊن جي نتيجن تي عوام اعتماد ڪري، ڇو ته بهتر اهو هوندو ته انهن نتيجن کي سموريون سياسي قوتون ۽ مقتدر حلقا جيئن جو تيئن تسليم ڪري پاڪستان کي حقيقي جمهوريت جي پٽڙيءَ تي چاڙهين. ملڪ جي معاشي صورتحال، ڪنهن ٻئي تجربي جي متحمل ٿي نٿي سگهي ۽ ان جي تقاضا به اها ئي آهي ته سموريون قوتون پنهنجي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪن، هڪٻئي جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪن، ڇو ته اهو ئي هن ملڪ جي بقا لاءِ لازم آهي. ڪير اهڙو هوندو، جيڪو هن ملڪ جي بقا نه چاهيندو هوندو!

Leave A Comment