تماش گاهه … موت جا سفر

جُون 25, 2023

 ٻن ڏينهن جي وٿيءَ سان پيش ايندڙ ٻن واقعن صفا ڌوڏي ڇڏيو آهي. پهريون واقعو اهو هو ته، روزگار جي ڳولها ۾ پنهنجا پئسا سيڙائي غير قانوني طريقي سان ويندڙ ماڻهن جي ٻيڙي کلئي سمنڊ ۾ اٿلي پئي، جنهن جي ڪري ڪئين درجن ماڻهو ٻڏي مري ويا. ٻيو واقعو اهو پيش آيو ته مسافر جهاز ٽائيٽينڪ جي ملبي کي ڏسڻ جي خواهش ۽ شوق ۾ سمنڊ جي گهرائين ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن لاءِ موتمار ثابت ٿيو. 111 سال اڳ مسافرن سان ڀريل پاڻيءَ جو جهاز پنهنجي پهرئين سفر دوران سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو هو. توڙي جو ٽائيٽينڪ جي مالڪن جي اها دعويٰ هئي ته هي جهاز ڪڏهن به غرق نه ٿيندو پر انساني دعوائن جي اهميت ئي ڪهڙي هوندي آهي! ٽائيٽينڪ ۾ ٻه هزار، ٻه سئو اٺ مسافر سفر ڪري رهيا هئا، جن مان هڪ هزار پنج سئو اٺ ٻڏي ويا هئا. پهرين واقعي بابت يورپي يونين جي گهرو معاملن جي ڪمشنر يلوا جوهانسن هڪ انٽرويو جي دوران چيو ته يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ وارو حادثو تاريخ جو بدترين سانحو ٿي سگهي ٿو.

اسمگلرن ماڻهن کي يورپ نه پر موت جي منهن ۾ موڪلي ڇڏيو. هن موجب، تارڪين وطن جي اچڻ ۾ 600 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. لبيا جي ساحلي شهر طبرق کان اٽلي ويندڙ ٻيڙيءَ ۾، اطلاعن مطابق 750 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن مان 100 کان وڌيڪ معصوم ٻار ۽ ڪجهه عورتون به شامل هيون. مبينا طور ٻيڙيءَ ۾ 310 پاڪستاني پڻ سوار هئا. اطلاعن مطابق ٻيڙي حادثي ۾ گم ٿيل 500 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 298 پاڪستاني به شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته يوناني بحريا رسن جي ذريعي ٻيڙيءَ کي ساحل تي آڻڻ جي غلط ڪوشش ڪئي. ان دوران ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي. بدقسمتي سان مڇيءَ جي شڪار لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيڙيءَ کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو هو. جيئن هر وڏي واقعي کانپوءِ حڪومتون ڪنديون آهن، تيئن ئي قوم جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف انساني اسمگلرن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو. پاڪستان مان انسانن جي اسمگلنگ، خاص طور تي يورپي ملڪن ڏانهن، ڪا نئين ڳالهه ناهي. انسانن جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪڏهن به با مقصد ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي، ان ڪري اسمگلر نوان رستا ڳولهي وٺندا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته زنده بچي ويندڙ ماڻهن جي بيانن جي ذريعي 14 پاڪستاني انساني اسمگلرن جا نالا سامهون آيا آهن. دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته انهن جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. چيو وڃي ٿو ته ٻڏي مري ويل ماڻهن کي پرڏيهه موڪلڻ واري مرڪزي ڪردار طلحه شاهزيب کي شيخوپوره مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي جي ذريعن مطابق، انساني اسمگلرن مان 5 جو تعلق گجرات سان آهي، جڏهن ته منڊي بهاءُ الدين، ڊسڪا سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا نالا به سامهون آيا آهن. ماڻهن کان ڳريون رقمون وصول ڪري انهن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر سٿي موڪليو ويو هو. ماڻهو پرڏيهه وڃڻ ۾ ان ڪري دلچسپي رکن ٿا ته پاڪستان ۾ ته ماڻهن کي نوڪري حاصل ڪرڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پاڪستاني سفارتخانا ماڻهن کي روزگار لاءِ گهرائڻ جو ڪو انتظام ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهن ڪندا.پاڪستان جي وڏي ۽ نامياري واپاري ۽ دائود گروپ جي چيئرمين حسين دائود جو پٽ ۽ ان جو پوٽو ٽائيٽن سياحتي آبدوز ۾ گم ٿي ويلن ۾ شامل آهن.

ان گم ٿيل آبدوز ۾ 5 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ حسين دائود جو پٽ شهزاده دائود، ان جو پوٽو سليمان، برطانوي ارب پتي هميش هارڊنگ ۽ فرانسيسي بحريا جو ٽوٻو غور پي ايڇ نارجيولٽ ۽ آبدوز ڪمپني جي اوشين گيٽ جو سي او اسٽاڪٽين رش 18 جون جي ٽپهريءَ کان لاپتا آهن ۽ ممڪن آهي ته اهي ٽائيٽينڪ جي ملبي ۾ ڦاٿل هجن. اوشين گيٽ جي ويب سائيٽ مطابق آبدوز جو ان جي مدرشپ سان رابطو هڪ ڪلاڪ 45 منٽن کانپوءِ ئي ختم ٿي ويو هو. آبدوز 96 ڪلاڪن تائين پاڻيءَ کان هيٺ رهي ٿي سگهي ۽ ان دوران 5 ماڻهن جي استعمال لاءِ ان ۾ گهڻي آڪسيجن موجود هئي. آبدوز کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر ان جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو ۽ ان ڪمپني آبدوز ۾ موجود ماڻهن جي مرڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو هو.

دائود خاندان پاڪستان جو هڪ امير ترين خاندان آهي ۽ شهزادو دائود درجنين قسم جا ڪاروبار ڪندو آهي. شهزادي گهڻو عرصو اڳ برطانيا جي شهريت حاصل ڪري ورتي هئي. برطانوي اخبار مطابق شهزادي جي پرڏيهي زال ڪرسٽائن ۽ ان جي ڌيءَ علينا بيچينيءَ سان پنهنجن پيارن جو انتظار ڪري رهيون هيون. آر ايم ايس ٽائيٽينڪ (اها ڪمپني جيڪا ٽائيٽينڪ جي ملبي جا حق رکي ٿي) جي سينيئر ايڊوائيزر ڊيوڊ گالو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها آبدوز هن وقت تائين ٺيڪ به آهي ته به ان ۾ موجود 5 ئي ماڻهو آڪسيجن جي گهٽجندڙ سطح جو شڪار ٿي رهيا هوندا ۽ شديد سردي توڙي هائيپوٿرميا کي منهن ڏيئي رهيا هوندا. هڪ برطانوي واپاريءَ ٽائيٽن ۾ پراڻو مواد استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

آبدوز ٽائيٽن ۾ 61 سالن جو برطانوي واپاري ڪرس برائون (Chris Brown) به سوار ٿيڻ جو ارادو رکندو هو پر عين آخري گهڙين ۾ هن پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت هو موت کان محفوظ رهيو. سندس چوڻ هو ته کيس جڏهن معلوم ٿيو ته آبدوز ۾ پراڻو مواد استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ڪمپيوٽر گيم کيڏڻ وارن ڪنٽرولرز ذريعي هلايو ويندو ته مون ڪمپني سان معذرت ڪئي هئي. ٽائيٽن آبدوز ۾ 4 ڀيرا سوار ٿي سمنڊ جي گهرائين ۾ ويندڙ هڪ شخص مائيڪ ريس آبدوز بابت پنهنجا تجربا بيان ڪندي چيو آهي ته چارئي ڀيرا رابطي جي حوالي سان مسئلا ٿيا هئا. سندس چوڻ هو ته هن ان ڪمپني سان چار ڀيرا سفر ڪيو: پهريون ڀيرو ٽائيٽينڪ لاءِ ۽ ٽي ڀيرا نيويارڪ سٽي کان پري ۽ هر ڀيري اسان جو رابطو ڪٽجي ويو.

هن وڌيڪ چيو ته هو آبدوز کي ايترو قصوروار نٿو سمجهي، جيترو هو گهري پاڻيءَ کي ذميوار سمجهي ٿو. اطلاعن مطابق بحر اوقيانوس جي گهرائين ۾ گم ٿيندڙ سب ميرين ٽائيٽن ۾ سطح تي واپس اچڻ لاءِ 7 بيڪ اپ سسٽم آهن، جن مان هڪ کي اهڙيءَ ريت ٺاهيو ويو آهي ته جيڪڏهن آبدوز ۾ سوار هر شخص بيهوش به ٿي وڃي ته اها انهن کي سمنڊ جي سطح تي واپس کڻي اچي. گذريل سال ٽائيٽن تي سوار ٿيندڙ آمريڪي ٽي وي جي صحافي ٻڌايو هو ته آبدوز ۾ رابطي لاءِ ٻه نظام استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن تحت ٽيڪسٽ پيغام سطح تي موجود ٻيڙي يا بحري جهاز کي وصول ٿيندا آهن ۽ ٻيو حفاظتي آواز يا سگنل آهن، جيڪي هر 15 منٽن کانپوءِ خارج ٿيندا آهن ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندا آهن ته آبدوز صحيح ڪم ڪري رهي آهي.

غير ملڪي ميڊيا جي مطابق اهي ٻئي سسٽم ٽائيٽن جي سامونڊي سطح ۾ وڃڻ جي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ، 45 منٽن کانپوءِ بيهي ويا هئا. آمريڪي صحافي جو چوڻ آهي ته ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، يا ته آبدوز جي سمنڊ ۾ ويندي ئي سموري بجلي منقطع ٿي وئي هجي يا پوءِ وري ڪنهن خرابي يا دٻاءُ جي ڪري اها ڦاٽي وئي هجي ۽ اهي سموريون شيون ئي تمام خطرناڪ ۽ افسوسناڪ هيون. بهرحال وسيلن سان مالا مال ماڻهن جو شوق ۾ سمنڊ جي گهرائين ۾ سفر ۽ وسيلن کان محروم ماڻهن جو ضرورت لاءِ سفر ٻئي انساني موت جو سبب بڻجي ويندا آهن.

Leave A Comment