بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي پاڪستان جو اٺون نگران وزير اعظم مقرر ڪيو ويو آهي، هُن جشن آزادي واري ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. انوار الحق جو تعلق بلوچستان جي پشتونن جي ڪاڪڙ قبيلي سان آهي. سندس والد احتشام الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات تحصيلدار جي حيثيت سان ڪئي. ان کانپوءِ هُو مختلف سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. انوار الحق قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو، جتي هُن مِني ڪيب هلائي پنهنجا خرچ پورا ڪيا هئا، پر تعليم مڪمل ڪرڻ کانسواءِ هُو پاڪستان اچي ويو هو. هُن سياست جي شروعات مسلم ليگ کان ڪئي. 1999ع ۾ نوازليگ جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هُن (ق) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ (ق) ليگ جي ٽڪيٽ تي 2002ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊون وڙهيون پر هُو ڪامياب نه ٿي سگهيو، جڏهن 2013ع ۾ عام چونڊن ۾ بلوچستان ۾ نواز ليگ ۽ قومپرست جماعتن جي گڏيل حڪومت قائم ٿي ته، انوار الحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزير اعليٰ سردار ثناءُ الله زهري جي حڪومت ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان رهيو. نواز ليگ ۾ 2018ع ۾ ڀڃ ڊاهه کانپوءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي نالي سان جماعت ٺاهي وئي ته انوار الحق ڪاڪڙ نه صرف ان جو حصو بڻيو پر ان جي ڳڻپ بلوچستان عوامي پارٽي جي بانين ۾ ٿئي ٿي. بلوچستان ۾ شورش ۽ عسڪريت پسندي ۾ تيز رفتاري کانپوءِ جنهن صورتحال جنم ورتو، ان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ رياستي بيانئي جي ڀرپور وڪالت ڪندو رهيو. هُو 2018ع ۾ بلوچستان عوامي پارٽي مان سينيٽر چونڊيو ويو.
بلوچستان، جتي قبيلن جي بااثر سردارن جي هٿ ۾ سياست جي واڳ سمجهي ويندي آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جي ٺهڻ کانپوءِ اُهي واڳون سردارن جي هٿن مان نڪري رهيون آهن. بلوچستان ۾ سالن کان موجود شورش ۽ تيز رفتار عسڪريت پسندي ملڪ جي مقتدر ڌُرين کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي ٺهڻ کانپوءِ سينيٽ جو سربراهه صادق سنجراڻي به اوچتو سامهون آندو ويو هو ۽ سياستدانن کي حيراني ڏني وئي هُئي، اهڙي ريت جيئن هاڻي نگران وزير اعظم جي مقرري ٿي آهي. تازو ختم ٿيندڙ وفاقي حڪومت جي قائد ايوان ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ نگران وزير اعظم جي نالن تي “پرولي” جهڙي راند کيڏندا رهيا ته مخالف ڌُر جي اڳواڻ راجا رياض پنهنجي مُٺ کولي اُن ۾ رکيل پرچي قائد ايوان شهباز شريف کي ڏيکاري ته ان به ان نالي کي تسليم ڪري ورتو. اهو سڀ ڪُجهه ايترو ته تيزيءَ سان ٿيو جو سياستدان هٿ مهٽيندي رهجي ويا ۽ سوچيندا رهيا ته ساڻن هي ڇا ٿي ويو آهي؟ سياستدان ته اڳوڻي درجنين اڳوڻن سرڪاري ملازمن، اڳوڻن ججن، نالي وارن رٽائرڊ سياستدانن جي نالن تي بحث ڪندا رهجي ويا.
بلوچستان جي سياسي اڳواڻ، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل، جيڪو پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جو حصو هو، شديد تنقيدي خط نواز شريف کي لکيو آهي، جنهن ۾ اُن ٻين ڳالهين کانسواءِ چيو آهي ته، “اهم فيصلن ۾ اتحادين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ بي اعتمادي کي جنم ڏيندو. نگران وزير اعظم لاءِ اهڙي شخص جي نامزدگي ڪئي وئي، جنهن سان اسان لاءِ سياست جا دروازا بند ڪيا ويا. توهان جي اهڙي قسم جي فيصلن اسان ۽ توهان جي وچ ۾ وڌيڪ ويڇا پيدا ڪيا آهن. اُن جو الزام ڪنهن تي به ڌرڻ جي بدران پنهنجي ئي قسمت تي مڙهجي ته بهتر ٿيندو. اهو ئي بلوچستان، اهي ئي جبري گمشدگيون، سياسي حل بدران بندوق جي ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش، سياستدانن جي بدران اسٽيبلشمينٽ ڏانهن واجهائڻ يا اُنهن سان مشاورت ذريعي مسئلي جو حل ڳولڻ آهي. ميان صاحب! اسان تي جيڪو ڪُجهه گذريو آهي يا گُذري رهيو آهي، اهو اسان جي قسمت پر حيراني ان ڳالهه تي آهي ته، توهان ماڻهن تي جيڪو ڪُجهه گذريو، توهان ان مان به هيستائين ڪو سبق ناهي سگهيو.”
اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته، “انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو جتان به آيو، اسان کي چڱي اُميد رکڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ ڪميٽيءَ سان گڏجي پنج نالا ڏنا هُئا. ڪميٽيءَ سليم عباس، جليل عباس، محمد مالڪ، خيبر پختونخوا مان افضل خان جو نالو ڏنو هو. چونڊن ۾ دير جا خدشا ته پهرئين ڏينهن کان موجود آهن، جڏهن نگران حڪومت جي اختيارن ۾ اضافي جو بل منظور ٿيو هو. انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو سينيٽ مان ورتو ويو آهي. اسان جو ڌيان اُن ڏانهن ڪونه هو. اسان کي اها خبر نه هئي ته، انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو ايندو. بهتر ائين هو ته، اسان ٻئي شخص جي چونڊ ڪريون ها”. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري به ان مقرري تي حيراني جو اظهار ڪيو هو پر پوءِ ان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته، نگران وزير اعظم جي نالي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تحفظات جي خبر غلط آهي”. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پارٽي اڳواڻن کي نگران وزير اعظم جي نامزدگي جي حوالي سان بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته خورشيد شاهه پنهنجي بيان جي حوالي سان پارٽي قيادت کي وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي. پارٽي قيادت نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي نامزدگي تي سينيئر رهنما خورشيد شاهه جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ۽ ان تي وضاحت طلب ڪئي هئي. سمورن اڳواڻن کي نگران وزير اعظم جي مقرري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي بيان بازي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اها ٿوري گهڻي فرق سان اها ئي صورتحال آهي، جڏهن سينيٽ چيئرمين جي عهدي جي لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي سينيٽ ميمبرن کي بلوچستان جي تجربيڪار سياستدان حاصل بزنجو جي مقابلي ۾ صادق سنجراڻي کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي ميان رضا رباني پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته، هُن دل تي پٿر رکي ان هدايت تي عمل ڪيو آهي ۽ چيو هو ته، سندس لُڙڪ ڳڙي آيا هئا.
هڪ اخبار ۾ ڪالم ۾ لکيو ويو آهي ته، “آخرڪار اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني کي نگران وزير اعظم بنائڻ جو فيصلو ٿيو هو، ان کي گهرائي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي، اتي ان جو غير رسمي انٽرويو به ٿيو هو، ان ڪي رهائشگاهه تي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ ڪيا ويا هئا. هن واڌايون پڻ وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون پر شايد اهو سڀ ڪُجهه ڪنهن کيڏ جو حصو هو. موقعو اچڻ تي جادوگر وانگر هيٽ مان بلوچستان ڪارڊ ڪڍي آندو ويو ۽ اهو چيو ويو ته، نگران وزير اعظم ننڍي صوبي مان هجڻ گهرجي. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي باري ۾ گفتگو ٿي رهي آهي ته هو محمد خان جوڻيجو ۽ ظفر الله جمالي بڻجندو يا پوءِ صادق سنجراڻي ثابت ٿيندو. مونکي دوستيءَ جي دعويٰ ته ناهي پر البته ان سان سالن کان ڄاڻ سڃاڻ تڏهن کان آهي، جڏهن هُو بلوچستان حڪومت جو ترجمان هوندو هو. وزير اعليٰ بلوچستان پاڻ چوندو هو ته، ڪاڪڙ صاحب “ڪنهن ٻئي” جو ترجمان آهي. انوار الحق ڪاڪڙ جي هڪ جملي مونکي گهڻو متاثر ڪيو ته، بلوچستان کي لاش ته ايراضي جي حساب سان ملندا آهن، جڏهن ته وسيلا آبادي جي تناسب سان. ان جي قابليت ۽ صلاحيت تي ڪي به ٻه رايا ناهن پر جن کيس سياست ۾ متعارف ڪرايو ۽ هاڻي نگران وزير اعظم ڪرايو آهي، هُو اُنهن سان ايمان جي حد تائين وفادار آهي، تنهنڪري منهنجي سمجهه موجب معاملا سياستدانن جي هٿ مان نڪري چڪا آهن، ان کي ڪاڪڙ فارمولا-2 سمجهيو وڃي، ڇو ته نگران وزير اعظم صرف ٽن مهينن لاءِ ناهي آندو ويو، اهو منصوبو تمام ڊگهو ۽ خطرناڪ آهي.”
ڪاڪڙ صاحب جي مقرري حيران ڪندڙ آهي ۽ ان جي نالي کان فورن پوءِ سوشل ميڊيا تي خبر اچي وئي آهي ته، “نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي خلاف 2021ع ۾ نيب جي جاچ جو انڪشاف ٿيو آهي. نيب 25 فيبروري 2021ع تي سوشل ويلفيئر بلوچستان جي کاتي کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته، نيب مالي بيقاعدگين ۽ ڪرپٽ سرگرمين خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ کين گذارش ڪئي وڃي ٿي ته، سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ طرفان رجسٽر ڪرايل اين جي او “وائيس آف بلوچستان” جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن”. خط ۾ چيو ويو هو ته، سعديه رحمت الله ڌِيءَ رحمت الله ۽ محمد نُور الحق ولد انوار الحق خلاف تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته انهن ٻنهي جو ڄاڻايل اين جي او سان ڪهڙو تعلق آهي ۽ اُنهن ان اين جي او مان ڪهڙا فائدا حاصل ڪيا آهن. چيو وڃي ٿو ته، انوار الحق ڪاڪڙ جي اين جي او “وائيس آف بلوچستان” تمام گهڻي امداد حاصل ڪئي پر ان امداد جو قانون مطابق استعمال نه ڪيو ۽ امداد ۾ مالي بيقاعدگين جي اطلاع تي نيب جاچ شروع ڪئي پر اڃان تائين نيب انڪوائري ختم ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري انوار الحق ڪاڪڙ خلاف ڪو نيب ريفرنس دائر ڪيو ويو آهي، ان جي خلاف جاچ جاري آهي.