| تمندار قتل ڪيس: چانڊيا سردار ڀائرن سميت سمورا جوابدار بري، عدالتي نظام تي داغ لڳو، هاءِ ڪورٽ وينديس: ام رباب |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي عدالت ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سمورا جوابدار بري ٿي ويا، ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج علي حسن ڪلوڙ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو، عبدالستار، مرتضيٰ، ذوالفقار، سڪندر، علي گوهر، عبدالستار ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي بري ڪيو ويو، فيصلو اچڻ بعد سردار چانڊيو جي حامين پاران جشن ملهايو ويو، ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي باعزت بري ٿيڻ واري فيصلي جا تفصيل روزاني پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتا آهن عدالتي ججمينٽ تي ٻڌل 223 صفحن تي مشتمل فائل ۾ جوابدارن جي بري ٿيڻ جا ست بنيادي سبب سامهون آيا آهن عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته فريادي پاران ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۾ غير معمولي دير ڪئي وئي واقعي جو وقت صبح 9 وڳي ڄاڻايو ويو، جڏهن ته ايف آءِ آر رات 1 وڳي، لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪن جي دير سان داخل ڪرائي وئي. عدالت موجب فريادي پاڻ به ايف آءِ آر ۾ دير ٿيڻ کي قبول ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايف آءِ آر صلاح مشوري بعد داخل ڪرائي وئي فيصلي ۾ ٻيو اهم سبب عدالت چيو ته سردار خان پاران مليل ڌمڪين بابت ايف آءِ آر ۾ نه وقت ڄاڻايو ويو ۽ نه ئي جڳھ، جنهن سبب اهو الزام ڪمزور بڻجي ويو ٽئين سبب ۾ عدالت اکين ڏٺي شاهدن جي بيانن تي سوال اٿاريا. شاهدن دعويٰ ڪئي ته جوابدارن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ سندن ٽئي مقتول مارجي ويا، پر عدالت مشاهدو ڪيو ته موجود ٽنهي شاهدن کي ڪا به رهنڊ نه آئيل هئي. عدالت ان کي انساني عقل ۽ فطرت جي خلاف قرار ڏيندي چيو ته اهڙي حالت ۾ شاهدن جي موجودگي مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿي، جو حملو ڪندڙ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ٿو جيڪي شاهدي ڏين ٿا مرڪزي شخص اهي زخمي به نه ٿا ٿين، چوٿين سبب طور عدالت ڊاڪٽرن جي شاهدي ۽ اکين ڏٺي شاهدن جي بيانن ۾ تضاد کي نمايان ڪيو. ميڊيڪل رپورٽن موجب مقتولين کي ويجهي فاصلي تان مختلف هنڌن تي گوليون لڳيون، جڏهن ته شاهدن بيان ڏنو ته سڌي فائرنگ ڪئي وئي. عدالت ان تضاد کي ڪيس کي ڪمزور ڪندڙ اهم پهلو قرار ڏنو پنجين سبب ۾ ڊجيٽل ثبوتن جو ذڪر ڪندي عدالت ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو ميهڙ ۾ موجود نه هئا. سي ڊي آر رپورٽن ۽ پوليس جاچ موجب برهان خان ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد وارن علائقن ۾ موجود هو. عدالت چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ جاچ جيڪڏهن جوابدار جي غير موجودگي ثابت ڪن ته صرف زباني الزام تي سزا نٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ته ڇهين سبب ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالڪريم جو نالو شروعاتي ايف آءِ آر ۾ شامل نه هجڻ جو ذڪر ڪيو ويو. سندس نالو ڪيترن ئي مهينن بعد شامل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس خلاف ڪو به مضبوط يا اکين ڏٺو شاهد پيش نه ٿي سگهيو، جنهن بنياد تي کيس به بري ڪيو ويو ستين سبب طور عدالت چيو ته واقعي واري هنڌ ڀرپاسي موجود دڪاندارن جا پوليس پاران بيان ورتا ويا، پر ڪنهن به آزاد گواھ ايف آءِ آر ۾ بيان ڪيل ڪهاڻي جي تصديق نه ڪئي. نه ئي ڪنهن غير جانبدار شاهد جوابدارن جي موجودگي يا فائرنگ جي تصديق ڪئي. عدالت چيو ته صرف مقتولن جي مائٽن جي گواهي، جيڪا تضادن سان ڀريل آهي، ڪيس کي ڪمزور بڻائي ٿي فيصلي جي آخر ۾ عدالت پاران آخري لفظ لکيا ويا ته انصاف جو بنيادي اصول آهي ته ڪنهن بيگناهه کي سزا ڏيڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن ڏوهاري کي آزاد ڪيو وڃي هڪ به جائز شڪ جوابدار جي بري ٿيڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي، اهڙي قسم جا ڪيترائي جهول فيصلي ۾ عدالت پاران سامهون آندا ويا آهن، هوڏانهن فيصلي کانپوءِ سردار چانڊيو چيو آهي ته سڀ بري ٿي وياسين، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته اسان تي الزام ڪوڙا آهن، سچ، سچ ٿيندو ،ڪوڙ ڪوڙ، انهن ڪوڙ هيان اسان با عزت بري ٿي وياسين فيصلو اسان جي حق ۾ آيو آهي عدالت انصاف ڪيو آ. ام رباب چانڊيو فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ام رباب چيو آهي ته عدل جي نظام تي داغ لڳي ويو آهي، عدالت سردارن کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو، منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، اسان جا حوصلا بلند آهن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جهڙا پليٽ فارم موجود آهن، منهنجا حامي پرامن رهن، انشاءَالله سردارن کي شڪست ڏينداسين
| ام رباب جي خالي هٿين واپسي: گهر ۾ اوڇنگارون، سوڳوار ماحول |
ميھڙ: ميھڙ جي ٽيڻي قتل جو دادو ڪورٽ ۾ فيصلو اچڻ کان پوء ام رباب چانڊيو ڪجھ وقت ڪورٽ ۾ رھي ۽ بعد ۾ فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ واپس پوليس ۽ رينجرس اھلڪارن جي دستن سان گڏ ميھڙ ھائوس پھتي جتي وڏي تعداد ۾ عزيز ، رشتيدار به پھتا ته ماحول سوڳوار بڻجي ويو، ام رباب چانڊيو جي پھچڻ وقت کيس رشتيدارن کان اوڇنگاريون نڪري ويون. ام رباب جي واپسي گھر پھچڻ وقت وڌيڪ سيڪيورٽي سخت ڪندي علائقي کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو ھو
| ڏاڏيءَ ام رباب کي امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب جي ڇانو ۾ عدالت اماڻيو |
ميهڙ: ميھڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس واري واقعي جي فيصلي واري ڏينھن تي دادو جي ماڊل ٽرائل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو پوليس ۽ رينجرس جي نگراني ۾ دادو ڪورٽ پھتا ام رباب چانڊيو کي دادو ڪورٽ مان روانو ٿيڻ کان پھرين سندس ڏاڏي پاران کيس امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب ھيٺان گذاريو ۽ دعائون ڏنيون جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو قمبر غيبي ھائوس کان ميھڙ باء پاس سان وڏين گاڏين جي قافلي سان دادو ڪورٽ پھتا
| حسيني آهيون، ام رباب سرداري نظام خلاف نعرا هڻي گهران نڪتي |
ميھڙ: ام رباب چانڊيو گھر پھچڻ وقت سرداري نظام خلاف زوردار نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته اسين حسيني آھيون اسان جا حوصلا بلند آھن ام رباب پنھنجي ماڻھن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جا ماڻھو پرامن رھن اسان ظالمن کي شڪست ڏينداسين
ام رباب جو نقصان ٿيو، ڪنهن ڪيو اها ڳالهه الڳ آهي: سردار چانڊيو جو وڪيل
لاڙڪاڻو: ميهڙ واقعي ۾ پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي وڪيل اطهر عباس سولنگي ميهڙ واقعي جي فيصلي کي انصاف جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلو انصاف جي فتح هوندي آهي نه ڪي ڪنهن جي شڪست يا هار هوندي آهي، هن چيو ته جج سٺو فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته فيصلو اُم رباب جي هار ناهي، اُم رباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ٿيل آهي، بس ان ڪيس ۾ اُم رباب فريادي يا شاهد نه هئي، اُم رباب کي ته خبر نه هئي ته ڪير ان جا خون ڪري ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ وقت اُم رباب ننڍي هئي ۽ ان وقت ڪيس ۾ غلط نالا اچي ويا، ظاهر آهي عدالتون ته شاهدين کي ڏسنديون آهن، باقي مون کي اڄ به اُم رباب سان همدردي آهي، هوءَ منهنجي نياڻين جيان آهي، مان چوان ٿو ته هر پيءُ جي اِها خواهش هجڻ گهرجي ته کيس اُم رباب جهڙي دلير بهادر نياڻي هجي، ايترا سال ڪيس وڙهي آهي، کيس شاباس آهي، هن ۾ ڪيترائي مرد ٿڪجي پوندا آهن. هن چيو ته ام رباب جو نقصان ته ٿيو آهي، هاڻي ڪير ڪري ويو آهي اها الڳ ڳالهه آهي. ڪيس ۾ غلط ماڻهن جا نالا اچي ويا، شاهديون نه بيٺيون ۽ عدالت فيصلو ڏنو، عدالتون فيصلو قانون ۽ شاهدين مطابق ڏينديون نه ڪي سوشل ميڊيا جي دٻاءُ جي ڪري ڏينديون آهن.
| هاءِ پروفائل ڪيس: هاءِ الرٽ سيڪيورٽي، سخت نگراني |
دادو: دادو جي تاريخ ۾ هن اهم هاءِ پروفائل ڪيس جي فيصلي جي موقعي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي پاران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي۔ ان سلسلي ۾ 6 ڊي ايس پي، 33 ايس ايڇ اوز سميت 700 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هيو، جن ۾ ليڊيز پوليس اهلڪار پڻ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيون هيون،بم ڊسپوزل ٽيمن سميت اسپيشل برانچ جي اهلڪارن پنهجا فرض نڀايا. عدالت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت نگراني رهي
| ام رباب دليري سان ڪيس وڙهيو، عدالتون ثبوت ڏسنديون آهن: وڪيل |
دادو: جوابدارن جي وڪيل اطهر عباس سولنگي چيو آهي ته واقعي وقت ام رباب جي عمر ننڍي هئي، ايف آءِ آر ۾ غلط ماڻهن جا نالا اچي ويا، عدالتون شاهدين کي ڏسنديون آهن، ام رباب چانڊيو دليري سان ڪيس وڙهيو، اسان جون همدريون آهن پر عدالتون ثبوتن کي ڏسنديون آهن، عدالتون قانون موجب فيصلا ڏينديون آهن، سوشل ميڊيا جي پريشر ۾ اچي عدالتون فيصلا ناهن ڏينديون
| سڀ جوابدار آزاد، پوءِ خون ڪنهن ڪيا ؟ انصاف ۾ اسان پوئتي آهيون: لاڙڪاڻو بار |
لاڙڪاڻو: ميهڙ واقعي واري ڪيس جي فيصلي بابت ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ جاويد بليدي چيو آهي ته 26 هين ۽ 27 هين ترميم ٿي ته اسان رڙيون ڪيوسين ته هي عدالتن کي پنهنجي ماتحت ڪرڻ جي سازش هلي پئي، ڇاڪاڻ عدليه آزاد ادارو آهي ان جي مٿان هي سياستدان مانيٽرنگ ڪندي پروموشن، بدليون ۽ مقرريون انهن جي هٿن ۾ هونديون ته ظاهر آهي ته فيصلا به اهڙا ايندا. اسان پوري دنيا ۾ انصاف جي حوالي سان 137 هين نمبر تي آهيون. خون جي ڪيس ۾ 8 ماڻهو شامل هئا. ميڊيا تي ڏسون ٿا ته ڪجهه جوابدارن اعتراف به ڪيو پر اهي به آزاد ٿي ويا ته پوءِ آخر ماريو ڪنهن؟.
| امہ رباب، ناظم جوکيو، ۽ پريا ڪماري جا پيرا ھڪ ئي پارٽي ڏانهن وڃن ٿا: ڪاشف سعيد شيخ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ميھڙ فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو آھي تہ سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل ۾ نامزد مڙني جوابدارن جي آزاد ٿيڻ وارو فيصلو انصاف جي ابتڙ آهي. 8سال ڪيس ھلائڻ جي باوجود انصاف نہ ملڻ افسوسناڪ آھي. ناظم جوکيو امہ رباب توڙي پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي جي ڏوھارين جا پيرا ھڪ ئي پارٽي جي وڏيرن ڏانهن وڃن ٿا.