| تميم اقبال جو عهدو سنڀالڻ بعد پهريون وڏو اعلان: بنگالي ڪرڪيٽرن جي پگهار ۽ ميچ فيس ۾ واڌ |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين صدر تميم اقبال رانديگرن جي پگهارن ۽ ميچ فيس ۾ واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، بي سي بي جي صدر ۽ بورڊ جي ايڊهاڪ ڪميٽي جي ڪنوينر تميم اقبال جي حڪم تي مينز ۽ وومينز ٻنهي ٽيمن جي پليئرز جي فيسن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. بورڊ اختيارين موجب، علائقائي ڪرڪيٽرن جي پگهارن ۾ 30 هزار ۽ ميچ فيس ۾ 25 هزار ٽڪا واڌ ڪئي وئي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ گريڊ بي جي پگهارن ۾ 15 هزار جڏهن ته گريڊ سي جي پگهارن ۾ 5 هزار ٽڪا واڌ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وومينز ڪرڪيٽرن جي پگهارن ۾ 10 هزار ٽڪا جي واڌ منظور ڪئي وئي ۽ وومينز ڪرڪيٽرز جي ٽي ٽوئنٽي ميچ فيس ۾ 5 هزار ۽ ون ڊي جي فيس ۾ 10 هزار ٽڪا واڌ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته بنگلاديشي حڪومت اڱاري تي امين الاسلام جي قيادت ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ٽوڙڻ کانپوءِ تميم اقبال کي بي سي بي جو نئون صدر مقرر ڪيو هو.