| تنقيد بدران ٻڌايو وڃي ته 26 ۽ 27 ترميم ۾ ڇا غلط آهي: تارڙ |
اسلام آباد(م ڊ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 26 هين ۽ 27هين ترميم تي تنقيد ڪئي ويندي آهي پر اهو نٿو ٻڌڏايو وڃي ته ترميمون ڇو غلط آهن، قانون جي وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ پراپرٽي جي قانون تي اعتراض جي ڳالهه ٿي آهي، اهو معاملو جلد حل ٿي ويندو، جيڪي ماڻهو اِن تي سياست چمڪائڻ گهرن ٿا، اُنهن کي شرمسار ٿيڻو پوندو، راولپنڊي ۾ وڪيلن جي نئين چيمبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته راولپنڊي بار ائسوسيئيشن جي اڪائونٽ ۾ 3 ڪروڙ 20 لک روپيا منتقل ڪيا ويندا، اها رقم اهڙن 64 ماڻهن کي ڏني ويندي، جِن جي چئمبرز کي نقصان ٿيو آهي