“تنهنجو ديش” جا نعرا هڻندڙن سان رعايت نه ٿيندي: ڪراچي ۾ 58 هزار افغاني موجود آهن: سنڌ سرڪار

جنوري 3, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير محمد احمد شاھ چيو آهي ته تنهنجو ديش منهنجو ديش ۽ مُلڪ خلاف نعرا هڻندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. اسان آبادي جي لحاظ کان پوليس کي گھربل وسيلا فراهم نه ڪري سگهيا آهيون، انهي باوجود پوليس روڊن تي بيهي امن امان لاءِ ڪوششون پئي ڪري، ڪالهه آءِ جي سنڌ رفعت مختيار ۽ ڪراچي پوليس چيف خادم رند سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي پوليس ۽ انتظاميا گڏيل طور تي شهر ۾ بهتر طريقي سان ڪنٽرول سنڀاليو، هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته “تنهنجو ديش منهنجو ديش“  ۽ مُلڪ خلاف نعرا هڻندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. پريس ڪانفرنس ۾آءِ جي سنڌ انڪشاف ڪيو ته اسان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي بلڪل ويجھو هئاسين، ڪنهن مخبر جوابدارن کي ٻڌايو ته پوليس توهان کي پڪڙي ماري ڇڏيندي، جنهن بعد جوابدار ڀڄي ويا، اسان هن وقت به قاتلن جو پيڇو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پوليس خلاف جنهن کي جيڪي شڪايتون آهن، انهي جي ويڊيو سِڌي ريت اسان ڏانهن اماڻي وڃي،  هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي چيو ته ڪچي واري علائقي جي 4 لک جي لڳ ڀڳ آبادي آهي، اتي انٽيليجنٽنس بيسڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، آءِ جي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اڃا تائين ڪيميرائون نه لڳي سگھيون آهن، اسان وٽ جيڪي وسيلا آهن، انهن آڌار اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته نگران سرڪار غيرجانبدار آهي، سياسي مداخلت جي حوالي سان ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته نشاندهي ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪو به ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن اعليٰ آفيسر سان واسطيداري جي دعويٰ ڪري ته ضروري ناهي ته اها دعويٰ درست هجي. پريس ڪانفرنس دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند چيو ته 10 سال اڳ ڪراچي دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ 11هين نمبر تي هو، جيڪو هاڻ 126هين نمبر تي آهي، 10 سالن ۾ 688 پوليس وارن شهادت ڏني آهي، اسان 86 سيڪڙو قتل ڪيس حل ڪياآهن، قتل واقعن ۾ وڏو انگ ٻاهر جي ماڻهن جو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته ڦُر وارداتن ۾ شهرين کي قتل يا زخمي ڪرڻ واري عمل ۾ به گھٽتائي آئي آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارواين بعد به ڏوهن ۾ گھٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪراچي مان 40 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني غير مُلڪي وڃي چُڪا آهن، جڏهن ته 58 هزار غيرقانوني پرڏيهي اڃا تائين ترسيل آهن، انهن جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، انهن کي به واپس اماڻيو ويندو.

Leave A Comment