تنهنجو پي به فوج ۾ ڏار نٿو وجهي سگهي، پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ تون آهين ڪير؟ فوجي ترجمان

تنهنجو پي به فوج ۾ ڏار نٿو وجهي سگهي، پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ تون آهين ڪير؟ فوجي ترجمان

اسلام آباد: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو  ته تنهنجو پي به فوج ۾ وڇوٽيون نٿو وجهي سگهي،  تون آهين ڪير، ڪنهن جي زبان ڳالهائي رهيو آهين، تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو ؟ هن چيو ته ڇا هن شخص پهرين 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملو نه ڪرايو؟ هي سمجهي ٿو ته پاڪ فوج ۾ جيڪو به ماڻهو آهي، اهو غدار آهي، هن جو پي به فوج ۾ وڇوٽيون پيدا نٿو ڪري سگهي، هن جي ذات يا سياست، رياست کان وڌيڪ ناهي، جيڪو هن سان ملي ٿو ته هو ملڪ ۽ فوج خلاف بيانيو ڏئي ٿو.