تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا ….ميان مير چانڊيو

                 هن وقت سنڌ ۾ راڳ سان جا مشڪري ڪئي پيئي وڃي، اها سنڌ جي راڳ تي وڏي طنز آھي. افسوس اهو آھي ته سنڌ جا ڪيترائي حال حيات گويا ۽ مشھور راڳي ههڙين حالتن ۾ خاموش ٿي ويا آھن. موسيقي ٻڌندڙن جو اهو عالم آھي جو هو موسيقي جي نالي ۾ مشڪري ڪندڙ ڳائڻن کي انعام ڏيئي واه واه ڪري پروموٽ ڪندا رهن ٿا، جڏھن ته موسيقيءَ جي ماهر ڳائڻن کي پروگرام ملڻ ئي بند ٿي ويا آھن، جنهن ڪري سنڌي موسيقيءَ کي ڄڻ ته جمود اچي ويو آھي.

                 سنڌي موسيقي، ساز ۽ سنگيت جي ڄمار بہ اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري هن سر زمين جي تاريخ پراڻي آهي. سنڌ جي موسيقيءَ جي سفر بابت موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي جي مورتي ۽ بانسري وڏي ثابتي آهي ته هزارين ورهيه اڳ به ساز ۽ رقص جو سنڌ ۾ وجود هو. تاريخي لحاظ کان ننڍي کنڊ  ۾ قديم هندي موسيقيءَ کان اڳ جيڪي به راڳ جا سلسلا رائج هئا، تن ۾ سنڌي موسيقيءَ کي اوليت حاصل رهي آهي. پوئين ويجھي تاريخي دور ۾ ’هندستاني موسيقي‘ ۽ ’سنڌي موسيقي‘ ٻن جداگانه ۽ مستقل سلسلن جي صورت ۾ رائج رهيون.  ڏکڻ هندستان ’ڪرناٽڪي موسيقيءَ‘ کي جنم ڏنو ۽ اتر هندستان ’هندستاني موسيقيءَ‘ کي پيدا ڪيو، ته سنڌ وري ’سنڌي موسيقيءَ‘ کي جنم ڏنو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌو تهذيب واري دور ۾ موسيقي ۽ ناچ مذهبي رسمن جو حصو هئا. موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جي مورتي ٻُڌائي ٿي ته هتان جا ماڻهو ناچ کي به پسند ڪندا هئا. ان کان سواءِ ڪن مهرن تي سازن جون تصويرون به اڪريل مليون آهن، جن ۾ بوڙيندو، بانسري، دهل، ڍولڪ، وغيره, ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته اهي ماڻھو اهي ساڳيا ساز وڄائيندا به هئا. سنڌي ماڻھن جا ذھن وسيع هئا، هنن هر قسم جي هنر، راڳ ۽ فن ۾ ترقي ڪئي، راڳ ۽ رقص جون محفلون سندن روزمرهه جي زندگيءَ جون حصو رهيون. آئون ٿوري عرصي لاء موسيقي جي تاريخ جي رڻ مان پٺ تي موٽان ٿو ته مون کي هڪ ياد اچي ٿي.  پاڙي ۾ هڪ مڱڻھارن جو پاڙو هوندو هو. علي الصباح ھنن جي گهرن مان سازن تي  ڪافيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.  هو وڏي اسر جو اٿي رياض ڪندا هئا. `سڄڻن جا ساري سانگ، ويٺي روز روئان ` ڳائيندا هئا. پڪوازن تي لڳندڙ ھٿ جي آوازن جا پڙاڏا هارمونيم جي رون رون، ڪڪڙن جي ٻانگن جا دس، ڪڻڇين جون ٻوليون ۽ مسجدن ۾ آذانون رات جي پوئين حصي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏينديون  هيون. ان ويلي ستل ڪائنات ڄڻ جاڳي پوندي هئي. شاه لطيف سر پرڀاتي ڄڻ اهڙن پرڀات ويل ڳائيندڙن راڳين تي ئي رچيو هجي. ميراثي راڳ سکڻ لاء راتين جون راتيون رياض ڪندا هئا. راڳ جي استادن وٽ رهي سندن خدمت ڪري ڌاڳو وٺندا هئا. ان کان پوء ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائڻ لاء لهندا هئا.

 ايء ن ڀانن ڀير، جيئن ڪينر ڪيري ٽنگيو,

سونهاري صبوح سين وجهي ويٺين وير،

ڪيرت ڌاران ڪير، توکي چوندو مڱڻو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن وٽ موسيقار اٽل ۽ چنچل به آيا هئا. چيو وڃي ٿو ته ميان يار محمد ڪلهوڙي انهن گوين کي سندس شاعري به ياد ڪرائي هئي.

سنڌ جي قديم موسيقي ۾ ڀيروي، لوڙائو، ڏهر، گهاتو، ديسي، سارنگ، سري راڳ، سنڌُو، مانجهه، گجري، کنڀات وغيره شامل هئا

موسيقي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مشهور شاعر امير خسرو (1253-1325ع) راڳ جي دنيا ۾ انقلابي تبديليون آڻي هندستاني موسيقيءَ جو بنياد وڌو، جيڪا مغلن جي دؤر ۾ اوج تي پهتل هئي ۽ سنڌ ۾ پڻ مقبول ٿي. وقت گذرڻ سان سنڌ جون ٻيون لئيون ۽ راڳڻيون  ٻاهرين ملڪن ۾ به مشهور ٿيون. ماهر گويا ٻن راڳن جو ميلاپ به ڳائيندا هئا، جيئن راڳ ٽوڙيءَ سان مانجهه جو ميلاپ هو، جيڪو هندوستاني راڳ جي سلسلي ۾ مشهور رهيو. جڏھن ته ڏهر، گهاتو ۽ لوڙائو، سنڌي راڳ جو جز آهن، جيڪي  راڳ پڻ نهايت آڳاٽا آهن. ڏهر ۽ گهاتو شايد آڳاٽا اَڻ آريائي نالا آهن ۽ اهي ٻئي راڳ موجوده وقت ۾ سنڌ جي سُروار موسيقيءَ ۾ شامل آهن. اسلامي تاريخ واري دور ۾ ڏهر خاص طرح روحاني تسڪين واري راڳ جي سلسلي سان وابسته ٿيو. لوڙائو راڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي لورن يا لوڙي قبيلن جي نالي سان پنجين صدي عيسويءَ ڌاري مشهور ٿيو. سنڌ جي ماهر لورن راڳيندڙن ايران ۾ پنهنجي مخصوص سنڌي راڳ کي رائج ڪيو، جيڪو ايران ۾ لوريان يا لوليان موسيقيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌ ۾ سندن انهيءَ آڳاٽي راڳ جو يادگار لوڙائو راڳڻي آهي، جيڪا سنڌ جي راڳ جي سڀني صنفن ۾ سمايل آهي. ديسي جيڪو سنڌ جي موجوده سُروار موسيقيءَ ۾ نڙ جي هڪ آڳاٽي ڌن جي صورت ۾ توڙي لوڪ گيتن ۾ موجود آهي، سا سنڌ جي آڳاٽي ديسي راڳ جو يادگار آهي.

آڳاٽن دراوڙي ۽ غير آريائي راڳن ۾ بلاولي آساوري، ڌناسري توڙي، جهجهونتي ۽ ڪاموڏ کي شمار ڪيو وڃي ٿو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌي راڳ جي سڀني صنفن ڳيچن، لوڪ گيتن، مولودن ۽ ڪافين ۾ سمايل آهن. بلاولي اصل ۾ دراوڙي لفظ ويلا الي آهي، جنهن کي سنسڪرت ۾ ويلا ولي ڪري لکيو ويو. ويلا اُلي آڳاٽي دراوڙي راڳ جو يادگار ۽ بلاولي ۽ بلاول راڳن جو بنيادي سرچشمو آهي. آساوري ۽ ڌناسري جيڪي سنسڪرت ۾ بي معنيٰ نالا آهن، سي پڻ اڳين اڻ آريائي راڳن جا يادگار آهن. انهن جو بنيادي تعلق سنڌ  ۽ ملتان  جي راڳ جي سلسلي سان آهي. آساوري ۽ ڌناسري جي سنگت مان ئي سنڌ جا ٻيا راڳ وجود ۾ آيا. ’ٽوڙي‘ جيڪو موجوده سنڌي راڳ ۾ موجود آهي، سو پڻ غالباً ڪنهن اڻ آريائي دراوڙي راڳ جو يادگار آهي. جيتوڻيڪ ڪن لکندڙن ان کي سنسڪرت لفظ ٽڙڪا يا ٽوڙڪا سان تعبير ڪيو آهي. جهجهونتي پڻ غير سنسڪرتي مادي جهنجهٽ مان نڪتل آهي.

سنڌ جي ڪلاسيڪي راڳن جو ٻيو دور جيڪو اٺين کان سترهين صدي عيسويءَ تائين رهيو، ان دور ۾ سنڌ جي موسيقارن راڳ توڙي وڄت ۾ وڏي ترقي ڪئي. وڄت جا نوان نوان ساز ايجاد ٿيندا رهيا. راڳ ۾ لئي ۽ خيال جهڙيون صنفون شامل ٿينديون ويون.

مون کي هڪ ٻي ياد چهنڊڙي پائي رهي آھي. پاڙي ۾ ماڇين جا گھر هوندس ھئا، اتي هڪڙو جهونو ماڇي رهندو هو، جنهن جو اصل نالو غالبن بچايو هو پر گهانڊار نالي سان سڏبو هو. پاڻ نڙ وڄائيندو ھو ۽ سندس پٽ نڙ تي ڪافيون ڳائيندو هو. باک ڦٽندي هئي تہ پوڙھو ماڇي نڙ وڄائيندو هو ۽ سندس پٽ ڪافيون ڳائيندو هو. نڙ تي ڪافين جو آواز ماڪ ۾ ڀنل ڊگهن وڻن ۽ لوڙھن کي ڄڻ پيو ڌوڻون ڏيندو هو. پوڙھو بچايو ماڇي چوندو هو ته منهنجي نڙ جي ڦوڪ جسم مان آرپار ٿي وڃي ٿي جيڪڏھن ان کي روح سان ٻڌو وڃي. هو ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن ٻپهري ۾ وڻ جي ڇانو ۾ نڙ وڄائيندو هو ته ٻڌندڙن جو روح ھيرڻ جي پن جيئان ڦارون ڦارون ٿي ويندو هو. آئون اڄڪلھ راڳ جي نالي ۾ مشڪري ٻڌان ٿو ته مون کي چڙ اچي ٿي. آئون وانڍ مان ٻاهر نڪري ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويهان ٿو ته مون کي بچائي ماڇيءَ جي نڙ جون ڌنون ۽ پوئين پرڀاتن ۾ راڳيندڙن جون ڪافيون ياد اچن ٿيون.

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو.