تنهنجي وڪيل تنهنجو ڪيس خراب ڪيو: جج جي رمارڪس تي عدالت ۾ ڇڪتاڻ

تنهنجي وڪيل تنهنجو ڪيس خراب ڪيو: جج جي رمارڪس تي عدالت ۾ ڇڪتاڻ

پنوعاقل (ن پ ا) “تنھنجي وڪيل تنھنجو ڪيس خراب ڪري ڇڏيو آھي ” ايڊيشنل سيشن جج پنوعاقل محمد علي قريشي پاران وڪيل گل بھار انڍڙ کي ڪلائينٽ جي سامھون اھڙي قسم جا لفظ استعمال ڪرڻ  تي وڪيلن ۽ جج ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي .پنوعاقل بار پاران ڊسٽرڪٽ بار سکر کي جج جي روئي خلاف خط لکي ڇڏيو پنوعاقل بار جج طرفان وڪيل سان مس بيھوو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ بار سکر کي خط سان گڏ سيشن جج سکر کي به خط جي ڪاپي موڪليو ويو خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ايڊيشنل سيشن جج پنوعاقل محمد علي قريشي شڪارپور ۾ به وڪيل سان اھڙو رويو اختيار ڪيو ھو جنھن تان کيس شڪارپور مان ھٽائي ڪري پنوعاقل مقرر ڪيو ويو وڪيلن پاران انصاف جي گھر ڪئي وئي آھي .