تنگواڻي( ن پ و) تنگواڻي ۾ شهري بدامني مان تنگ ٿي ڪاروبار بند ڪري رستن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
شهرين قاري ڪفايت الله کوسو،مولوي محمد صلاح ملڪ،اعجاز ملڪ،صالح گجراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وين ٽرمينل تي ڌرڻو هنيو
اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعو بدامني جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، ، روز اغوا ڦرون چوريون ۽ قتل ٿي رهيا آهن پر پوليس پنهنجي ذميواري نڀائڻ بدران ڀوتارن جي ونگارو بڻيل آهي
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ امن قائم ڪرائي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو