تنگواڻي(رپورٽر)تنگواڻي هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسپال جي ڪرسي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد استادن جون 2 ڌريون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويو
پرنسپال رضا محمّد باجڪاڻي ۽ انچارج پرنسپال غلام النبي ڏاهاڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران استاد هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا، جنهن دوران ٻنهي استادن جا ڪپڙا ليڙون ليڙ ٿي پيا
استادن جي برادري جا ماڻهو پڻ جهيڙي لاءِ پهتا جنهن سبب اسڪول ميدان جنگ بڻجي ويو، شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي بعد ۾ اسڪول کي تالا لڳائي ڌريون ٿاڻي تي پهچي ويون
رابطي ڪرڻ تي پرنسپال رضا محمّد باجڪاڻي ٻڌايو ته هو ڪلاس وزٽ ڪرڻ ويو ته استاد غلام نبي ڏاهاڻي ڪرسي تي ويٺو هو پڇا ڪرڻ تي هٿين پئجي ويو ۽ ٺونشا هنيا
هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي انچارج پرنسپال غلام نبي ڏاهاڻي ٻڌايو ته هو پنهنجو پوسٽنگ آرڊر ڪرائڻ بعد آفيس پهچي ويٺو ته استاد رضا محمد باجڪاڻي حملو ڪري ڪپڙا ڦاڙيا ۽ ڌڪ هنيا