تنگواڻي لڳ پوليس چوڪي تي حملو: اهلڪار شهيد: 2 زخمي
مَي 15, 2023
تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان پوليس چوڪي تي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا: تفصيل موجب حد جي اڪبر باجڪاڻي پوليس چوڪي تي هٿياربندن حملو ڪري جٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. گوليون لڳڻ سبب جمعدار علي محمد ملڪ ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو جڏهن ته احد ملڪ سميت 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، شهيد جمعدار جو مڙهه ۽ زخمي اهلڪار کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته علائقي جو سرچ آپريشن ڪيو پيو وڇي. ٻئي طرف مانجهي پوليس چوڪي تي به هٿياربندن جي حملي ۾ خانگي چوڪيدار زخمي ٿي پيو جنهنکي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.