تنگواڻي ويجھو فصل کي پاڻي ڏيڻ ويل 2 نوجوان اغوا، پيرا ڪچي ۾ گم
ڊسمبر 5, 2024
تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي ۾ 2 نوجوان شڪيل احمد ۽ لياقت علي بھلڪاڻي ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويا، وارثن موجب نوجوان ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيڻ ويا ته واپس نه آيا، زمين تي وياسين ته نوجوانن جي پيرن سميت وڌيڪ ھٿياربندن جا پيرا مليا ۽ چپل زمينن تي مليو،پيرا کنياسين ڪچي طرف پيرا گم ٿيا، مغوي نوجوانن جي وارثن گھر ڪئي ته نوجوانن کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
رستم: مغوي جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب، مارڻ جي ڌمڪي
رستم (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد رستم فيضو روڊ تان 21 نومبر تي اغوا ٿيل ٺل واسي مزدا ڊرائيور ضمير احمد سرڪي کي شڪارپور پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کي پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ واري ڪال رڪارڊنگ پڻ وائرل ٿي وئي آھي، جنھن ۾ ڌاڙيل واضح طور مغوي نوجوان جي ڀاءُ عبدالغفار سرڪي کان پنج ڏينھن اندر پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، مغوي نوجوان جي ڀاء پاران غريب ھجڻ ڪري معصوم نياڻين جي واسطي نوجوان کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿو تہ ھٿياربند کيس ڌمڪي ڏيندي چون ٿا ته پنج ڏينھن اندر پنجاھ لک رپيا ڀنگ نه مليو ته مغوي کي ماري درياھ ۾ لوڙھي ڇڏينداسين، مغوي نوجوان جي وارثن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.
مدئجي واسي مغوي جي وڊيو جاري، ڀنگ ڀري آزاد ڪرائڻ جي اپيل
مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان بهمڻ پلاٽ تان اغوا ٿي ويل ٻيلي کاتي جو ملازم ولي محمد گهانگهرو ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود بازياب ٿي نه سگهيو،ڌاڙيلن مغوي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مغوي ملازم ولي محمد گهانگهرو ٻيلي کاتي جي آفيسرن توڙي وارثن کي بازيابي لاءِ رقم ڀرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، مغوي موجب مان شگر جو مريض آهيان ڏاڍي تڪليف ۾ مبتلا آهيان، خدا جي واسطي مون کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ بهمڻ پلاٽ جي بلاول نيچر پارڪ ۾ رات جو ڊيوٽي تي موجود ملازم ولي محمد گهانگهرو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا.
ڪشمور واسي نوجوان پنجاب جي علائقي مان اغوا
ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور واسي نوجوان پنجاب جي دولي چيڪ پوسٽ واري علائقي سوئي روڊ تان اغوا، شهر جي عيد گاهه پاڙي واسي نوجوان محمد شريف دايو دوائن جي ھول سيل دڪان جون دوائون سيل ڪرڻ لاءِ سوئي وڃي رهيو هو ته ھٿياربندن دولي چيڪ پوسٽ ڀرسان گاڏي روڪي کيس اغوا ڪري فرار ٿي ويا ، نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان محمد شريف دايو دوائن جي ھول سيل دڪان تي روزگار ڪندو آهي، هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا آهن، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي.
حيدر آباد ۾ اغوا ڪيل نينگر بازياب، جوابدار گرفتار
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ٻارن کي اغوا ڪري پنائڻ جو ڌنڌو ڪرائيندڙ شخص کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، نسيم نگر پوليس گشت دوران هڪ شخص علي نواز ولد علي اصغر کي گرفتار ڪري هن وٽان 6 سالن جي نينگر کي به بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل نينگر جي سڃاڻپ 6 سالن جي عادل ولد محسن طور ٿي، جيڪو ڪياماڙي ٿاڻي جي حد ڊاڪس ڪراچي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي،گرفتار جوابدار علي نواز جو تعلق ماتلي ۽ هاڻي مڇر ڪالوني ڪراچي سان آهي، جتان هو نينگر عادل کي اغوا ڪري حيدرآباد پهتو جتي هو نينگر کان پنائڻ جو ڌنڌو ڪري رهيو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس مطابق جوابدار ٻارن کي اغوا ڪري کين پنائڻ ۽ پوءِ وڪرو ڪري ڇڏڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار عادي ڏوهاري آهي. سندس خلاف نينگر جي والد محسن شاهه جي مدعيت ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
بڊاڻي مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ۾ اٺ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ احمد علي ڀٽو کي پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب گيهلپور پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳجھي طلاع تي ڪارروائي ڪري ست ورهين جي معصوم احمد علي ڀٽو کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ٻي طرف نينگر جي بازيابي بعد وارثن ۾ خوشي ڇانئجي وئي، ياد رهي ته ٻالڪ جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڌاڙيلن 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو ويو هو.
شڪارپور پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، اغوا جو ڪيس به داخل نه ٿيو
رستم : اغوا واقعي واري21 نومبر جي ڏينھن کان وٺي ھن وقت تائين رستم پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪري سگھي آھي، ڌاڙيلن پاران پنج ڏينھن اندر پنجاھ لک رپيا ڀنگ ڏيڻ واري ڌمڪي کي ڇھ ڏينھن گذري ويا آھن. وارثن موجب اسان جو ڀاءُ ھڪ ٻانھن کان معذور ھجڻ سان گڏ دل جو به مريض آھي.
مغوي پورهيت جي گهرواري کي بيهوشي جا دورا، معصوم ٻار روئي روئي بيحال
رستم : اغوا ٿيل نوجوان جي وارث ڀائرن عبدالغفار سرڪي، عبدالستار سرڪي ۽ عبدالجبار سرڪي جو چوڻ ھو تہ سندن ڀاء جي اغوا ٿيڻ بعد مغوي جي گھر واري کي بيھوشي جا دورا پوندا رھن ٿا، مغوي نوجوان جا معصوم ٻارڙا پڻ روئي روئي اکين جو نور وڃائڻ لڳا آھن، ٻئي طرف 21 نومبر کان وٺي ھن وقت تائين ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جي آفيس جا چڪر ڪاٽڻ سميت سندس آفيس ٻاھران ڪيترائي دفعا احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو آھي، پر ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي.
ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن، پنجاب واسي مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
خانپور(ن پ ا) ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن، پنجاب واسي مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، پوليس موجب ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري مغوي 50 ورهين جي محمد يوسف شيخ کي بازياب ڪرايو ويو آهي، يوسف کي شادي جو دلاسو ڏئي چار مهينا اڳ گهرائي اغوا ڪيو ويو هو.