تنگواڻي: ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر پيءُ پٽ سوڌو 3 حياتيون کسي ورتيون

جُولاءِ 1, 2023

تنگواڻي(ن پ و) تنگواڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ پُٽ سوڌو 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

 رئيس ڀيا پُل وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهنجي نتيجي ۾  فياض جاگيراڻي ۽ سندس پُٽ سرتاج جاگيراڻي فوت ٿي ويا

حادثي ۾ قادر بخش بهلڪاڻي به حياتي وڃائي ويٺو جڏهن ته مسمات کندول خاتون سوڌو 2 زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

خوفناڪ حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙ ٽن ڄڻن  جي گهرن ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون

Leave A Comment