تنگواڻي پوليس نوجوان فل فراءِ ڪري ڇڏيو: مقابلي جي دعويٰ: لاش رکي احتجاج
اپريل 25, 2025
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) تنگواڻي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، تنگواڻي پوليس موجب تنگواڻي لاڙو وٽ گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران جوابدار ظفر علي لاشاري مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ا اياز لاشاري،محمد نواز پهوڙ ۽ امان الله پهوڙ جي اغوا ۾ ملوث هيو. سندس خلاف ڌاڙن سميت 11 سنگين قسم جي نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن. ٻي طرف ڳوٺ حاجي خادم خان لاشاري جي رھواسين پاران پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان ظفر علي ولد ڄام لاشاري جو لاش رکي احتجاج ڪيو ويو، مارجي ويل جي وارثن ڄام لاشاري، ساجد لاشاري،ڪي ڪي لاشاري، حاجي حاجاڻو خان لاشاري ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو، ايس ايچ او تنگواڻي شاھد خشڪ اسان جي نوجوان ظفر علي لاشاري کي 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ جي رستي ويندي پڪڙي کڻي ويو هو، رشوت نه ڏيڻ تان اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.