تنگواڻي ۾ نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو
جُون 12, 2025
تنگواڻي (پنهنجي ڊيسڪ تنگواڻي ۾گذريل رات قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي
تنگواڻي ۾گذريل رات قتل ٿيل نوجوان ابرار لاشاري جي وارثن ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ تي وي لاڙي اسٽاپ وٽ مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هنيو
مظاهرو ڪندڙن ٽائرن کي باهه کي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي
ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي
اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.