تنگواڻي: ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، ٻن گهرن کي باهه، ٻڍڙي تي گهلي تشدد، 2عورتون کنڀجي ويون
ڊسمبر 22, 2024
تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ سليمان هيجواڻي تي پوليس جي چڙهائي عورتن ۽ ٻارن کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي ٻن گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، ڳوٺاڻن طرفان الزام هنيو ويو آهي ته پوليس عورتن مسمات بينظير کي نينگري رابع ۽ مسمات آمنه خاتون کي ساجدا سميت کنڀي کڻي وئي آهي، جڏهن ته عورت پٺاڻي خاتون پاران پاڪ ڪتاب کڻي پوليس آڏو احتجاج ڪيو ويو، اهلڪارن طرفان مسمات پٺاڻي مٿان تشدد ڪري کيس وارن مان گهلي هيٺ ڪيرايو ويو، ٻي طرف ڳوٺاڻي غلام ياسين بنگلاڻي دانهيندي چيو ته مان ماڻهو آهيان، ڪوبه ڪيس داخل ناهي، پوليس هٿ سان ڏوهاري ڪرڻ چاهي ٿي، بيگناهه گهر ساڙي پوليس عورتون کي کڻي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي عورتن کي آزاد ڪرايو وڃي. ٻي طرف ڊي ايس پي ٺل فاروق بروھي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو عورتن جي کنڀڻ سميت ڪنھن به تشدد ۽ گھرن کي باھ ڏيڻ واري واقعي جي خبر ناهي، ڊي ايس پي ڪو به موقف ناهي جو چئي موبائل فون بند ڪري ڇڏي.