تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ارڙي وبا پکڙجي وئي، 2 ٻارڙا فوت، انگ 3 ٿي ويو، ڪيترائي بيمار

تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ارڙي وبا پکڙجي وئي، 2 ٻارڙا فوت، انگ 3 ٿي ويو، ڪيترائي بيمار

تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي) تنگواڻي ارڙي وگھي وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا،  فوت ٿي ويل ٻارن ۾ ڳوٺ ڳھڻو کوسو واسي  نسيم پٽ الھورايو ۽ ڳوٺ ھدايت الله گجراڻي واسي  آفاق پٽ قدرت الله گجراڻي شامل آھن، ٻن ڏينھن اندر 3 ٻارڙا ارڙي وگھي فوت ٿي ويا،تنگواڻي ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سوين معصوم ٻارڙا ارڙي وبا ۾ ورتل آھن، صحت کاتي پاران ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي بيمار ٻارن جو علاج ڪرائي وڌيڪ ٻارن جون حياتيون بچايو وڃن.