تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو ارڙي وگهي معصوم ٻارڙو فوت ٿي وئي، خبر موجب ڳوٺ معصوم شاهه ۾ ارڙي وگهي 5 ورهين جو ٻالڪ گلبهار بهلڪاڻي فوت ٿي ويو
معصوم ٻالڪ جي فوت ٿيڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، جيڪي خانگي اسپتالن مان علاج پيا ڪرائين
جڏهن ته صحت کاتي جي عملدارن ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي ارڙي تي ضابطو آندو وڃي