تنگواڻي ۽ ڪنب ۾ جهيڙا، 2 ڄڻا قتل

جُون 17, 2025

تنگواڻي )پنهنجي ڊيسڪ ) تنگواڻي ۽ ڪنب ۾ الڳ الڳ جهيڙي دوران 2 ڳوٺاڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي آهي، تنگواڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل،3 شڪي گرفتار ڪيا ويا آهن، مانجھي_تنگواڻي لنڪ روڊ سان ڳوٺ باران باجڪاڻي ۾ هٿياربندن سخي محمد بکراڻي کي گوليون هڻي قتل  ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن پيرو ڳوٺ غلام محمد ڏاهاڻي ۾ ڏاهاڻي برادري جي گهرن تي هنيو، جنهن کان پوءِ  پوليس  شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتوآهي، جڏهن ته مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف  خيرپور جي علائقي ڪنب ويجهو چانڊيو پل وٽ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڳوٺاڻو قتل ٿي ويو آهي، جڏهن ته عورت سخت زخمي ٿي پئي آهي، گوليون لڳڻ سبب 50 سالن جو مور چانڊيو مارجي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته  جهيڙو سڱاوتي معاملي تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل