تنگواڻي ۾ ارڙي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت

تنگواڻي ۾ ارڙي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو،ڳوٺ محمد مريد بھلڪاڻي واسي عبيدالله ولد ڀٽو بھلڪاڻي فوت ٿي ويو، ٽن ڏينھن اندر چار ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، صحت کاتي پاران ڪي به پاءَ ناهن ورتا ويا، ڳوٺاڻن پاران صحت کاتي جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون  موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ويو.