| تنگواڻي ۾ ارڙي وگهي ٽن ڏينهن ۾ 4 ٻارڙا فوت |
تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ارڙي وگھي ٽن ڏينھن ۾ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڳوٺ سائينداد گجراڻي ۾ ٻن سالن جو نينگر ذڪاءُ الله ارڙي وگھي فوت ٿي ويو، گذريل ڏينھن نينگر جي ڀيڻ 5 ورھين جي معصوم نينگري ڪرمان خاتون ڌيءُ ذاڪر گجراڻي فوت ٿي وئي، ارڙي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صحت کاتي ڪي به اپاءَ ناھن ورتا، ھڪ مھيني ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 8 ٿي ويو آهي.