تنگواڻي ۾ تراويح نماز پڙهڻ ويل نوجوان اغوا: موٽرسائيڪل هٿ

مارچ 23, 2025

تنگواڻي(ن پ ا)تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور محمد کوسو  جو رهواسي نوجوان علي خان لاشاري تراويح نماز کان واپس ايندي مبينا طور اغوا ٿي ويو، انصار علي پنجابي، رٽائرڊ فوجي اھلڪار خادم کوسو ۽ علي خان لاشاري جي اغوا بعد مغوين جو انگ 3 ٿي ويو آهي،  نوجوان جي وارثن ٿاڻي تي پھچي اطلاع ڪيو ته نوجوان رات پاڙي جي ڳوٺ ۾ تراويح نماز پڙھڻ بعد گھر واپس ناهي آيو، ھن وقت ھن جي موٽرسائيڪل لاوارث حالت ۾ ملي آهي، ڪجھه ھٿياربندن جا پيرا پڻ مليا، نوجوان جي وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي ۾ گھمائي ھٿياربندن کان مطالبو ڪيو ويو ته مغوي کي آزاد ڪرايو وڃي.

Leave A Comment