تنگواڻي ۾ مسافر گاڏين مان ڦر لٽ

جُون 4, 2025

تنگواڻي (پنهنجي ڊيسڪ ) تنگواڻي  ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم ٿيل آهي ۽ بدامني عروج تي پهتل آهي، ان ڏس ۾ ڏوهارين انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي روڊ بلاڪ ڪري مسافر گاڏين  ۾ سوار مسافر کان ڦر لٽ ڪئي آهي.

 پوليس ذريعن معلوم ٿيو آهي ته عيد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيارن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان هٿياربندن لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن،هوڏانهن متاثرن جو چوڻ آهي ته حد جي  پوليس واقعي بعد ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

 انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏوهاري ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ تي سرعام ڦرلٽ ڪندا رهيا پر پوليس انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب