| تنگواڻي ۾ معصوم ٻارڙي ارڙي وگهي فوت، ڪيترائي ٻار بيمار |
تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي ڳوٺ الھڏنو گجراڻي ۾ ٻن ورھين جي معصوم نينگري عزيزان ڌيءُ ثناءُ الله گجراڻي ارڙي وگھي فوت ٿي وئي،ساڳئي ڳوٺ ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا آھن، علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن.