تنگواڻي ۾ پراڻي تڪرار تان پلاند ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڀڃ ڊاهه، باهيون

تنگواڻي ۾ پراڻي تڪرار تان پلاند ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڀڃ ڊاهه، باهيون

تنگواڻي (رپورٽ: لطف ملڪ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حيات کوسو ۾ باجڪاڻي ۽ چولياڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾  تڪرار تان نوجوان اياز علي چولياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته غلام شبير بجاراڻي زخمي ٿي پيو، اطلاع بعد پوليس پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيا،نوجوان جي قتل جو ڪارڻ پلاند ٻڌايو پيو وڃي، ھڪ سال اڳ باجڪاڻي برادري جي ھڪ نوجوان عارب باجڪاڻي کي قتل ڪيو ويو هو، جنھن جي  پلاند ۾ اياز علي چولياڻي کي قتل ڪيو ويو،ٻي طرف  مڇريل ماڻھن باجڪاڻي ڌرين ڳوٺ گلشير باجڪاڻي ۾ گھرن ۾ ڪاھ ڪري ڀنڃ ڊاھ ڪري فائرنگ ڪئي.