تنگواڻي ۾ 2 معصوم ٻارڙا ڪاري ڪامڻ وگهي فوت، پاڻي خراب، ڳوٺاڻا بيمار
ڊسمبر 8, 2024
تنگواڻي(رپورٽ:لطف ملڪ)تنگواڻي جي ڳوٺ قيصر خان گجراڻي ۾ 2 معصوم ٻارڙا ڪاري ڪامڻ وگھي فوت ٿي ويا،4 سالن جي پروينا ڌيءُ اسباب علي گجراڻي ۽ 3 سالن جو معصوم پرويز پٽ احمد علي گجراڻي خانگي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا، معصوم ٻارن جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، قدرت الله گجراڻي، قيصر خان گجراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ ڪاري ڪامڻ جي موذي مرض ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، ٽائون ڪاميٽي انتظاميا توڙي ضلعي انتظاميه 200 فٽن تي مٺي پاڻي لاءِ پائيپ نه لڳائي سگھي آھي،ھنن چيو ته ڳوٺ ۾ ھن وقت به ڪيترائي نوجوان ٻار توڙي عورتون ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آھن.