| تهران جو مهرآباد هوائي اڏو بند، اڄ ۽ سڀاڻي سڀ اڏامون بحال |
تهران: ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته گهريلو ۽ بين الاقوامي پروازون ڇنڇر ۽ آچر تي معمول مطابق هلنديون. ابوذر شيرودي مسافرن کي صلاح ڏني آهي ته رش جي ڪري پنهنجي اڏام کان ٽي کان چار ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ تي پهچن. هن ايئر لائنز کي امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن پروازن جي تعداد کي ممڪن حد تائين گهٽائڻ لاءِ پڻ چيو. ان کان اڳ ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جمعي ۽ سومر تي پروازن تي وڏي پيماني تي پابندين جو اعلان ڪيو هو. مهرآباد ايئرپورٽ ڪالهه بند رهيو، جڏهن ته تهران جي هوائي حدن ۾ سڀئي پروازون سومر تي معطل رهنديون. بهرحال، سفارتي ۽ سياسي پروازون انهن پابندين کان مستثنيٰ هونديون، جڏهن ته امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سرگرميون پابندين کان آجيون آهن.