تهران ۽ اصفهان تي بمباري: 8 ايراني شهيد: آمريڪي فوجي اڏن ۽ آئل ڪمپليڪس تي ڊرون حملا: ايران پاڙيسري ملڪن سان معذرت ڪري ڇڏي

تهران ۽ اصفهان تي بمباري: 8 ايراني شهيد: آمريڪي فوجي اڏن ۽ آئل ڪمپليڪس تي ڊرون حملا: ايران پاڙيسري ملڪن سان معذرت ڪري ڇڏي

تهران/بغداد/ابوظهبي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي  تهران ۽ اصفهان تي بمباري ۾ وڌيڪ  ايراني شهيد ٿي ويا، ايران به جوابي ڪارروائي  جاري رکي، عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ آئل ڪمپليڪس تي ڊرون حملا ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ جي اٺين ڏينهن ايراني شهرن اصفهان ۽ تهران ۾ رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو، حملن ۾ وڌيڪ 8 ايراني شهيد ٿي ويا، جنهن بعد شهيد ٿي ويل ايرانين جو انگ وڌي 1340 ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي پڻ ٿيا آهن. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي فوجي ٺڪاڻن ۽ ميزائل لانچرز کي ڪامياب نشانو بڻايو ويو آهي، 80 کان وڌيڪ ايراني ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اسرائيلي فوج ايراني راڄڌاني تهران ۽ اصفهان شهر ۾ حملن جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف ايران به جوابي ڪارروائي جاري رکندي  بصره ۾ موجود آمريڪي آئل ڪمپليڪس تي ڊرون حملو ڪيو جڏهن ته عراق جي بغداد ايئرپورٽ ڀرسان فوجي اڏي ۽ اربيل ۾ آمريڪين جي امڪاني استعمال هيٺ هوٽل تي حملا ڪيا ويا. دبئي ايئرپورٽ تي ڊرون حملو، ڊرون مسافرن جي راهداري ڀرسان ڪريو، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، دبئي اختيارين موجب ڊرون جو ملبو هٽائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته يُو اي اي اختيارين پاران 15 بئليسٽڪ ميزائل روڪي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ”اسان اهڙن سمورن اڏن کي نشانو بڻايو جتان ايران تي حملا شروع ٿيا هئا، پوري ڪوشش هئي ته پاڙيسري مسلم ملڪن کي ڪو به نقصان نه پهچي.“ ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ فضائي حدون فراهم نه ڪندڙ ملڪن تي حملو ناهي ڪيو ويو. پاسدارن انقلاب چيو آهي ته حملا جاري رهيا ته سمورا آمريڪي فضائي اڏا ۽ ٺڪاڻا نشاني تي هوندا
 

تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو به حملو يا ميزائل حملا نه ڪيا ويندا. هڪ بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٿيل حملن تي پاڙيسري ملڪن کان معذرت خواهه آهيون، اسان جو ٻين ملڪن تي حملو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي. ايراني صدر اهو به چيو ته عبوري ليڊرشپ ڪائونسل پاڙيسري ملڪن خلاف ڪو حملو يا ميزائل حملو نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيستائين پاڙيسڙي ملڪن طرفان ايران تي حملو نه ڪيو ويندو، تيستائين ايران طرفان ڪو به حملو يا ميزائل حملا نه ڪيا ويندا. مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندو، دشمن کي ايراني عوام جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري خواهش قبر ۾ کڻي ويندو. ٻئي طرف ايران پاران پاڙيسري ملڪن کان معذرت ڪرڻ جو ڪريڊٽ آمريڪي صدر کڻي ورتو، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران اها معذرت آمريڪا ۽ اسرائيل جي لاڳيتو حملن سبب ڪئي آهي، ايران بدترين نموني مار کائي رهيو آهي، اُن کان اڳ ٽرمپ ايران کان غير مشروط هٿيار ڇڏڻ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته ايراني بحريه، مواصلاتي نظام ۽ ٻه قيادتون ختم ڪيون آهن، سرينڊر ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه قبول ناهي.