| تهران ۾ تباهه 4 هزار گهرن جي سرڪاري طور بحالي |
تھران (م ڊ) تهران جي ميئر جي ترجمان عبدالمظهر محمدخاني جو چوڻ آهي ته ھيستائين جي جنگ ۾ رڳو تھران ۾ 33 ھزار رھائشي گھرن کي نقصان پھتو آھي جيڪو معمولي نقصان کان وٺي وڏي نقصان تائين شامل آھي. هن چيو ته 1,869 خاندانن جا گھر مڪمل طور تباھھ ٿي ويا آھن جڏهن ته 1245 کي 23 رهائشي ڪمپليڪس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. محمدخاني وڌيڪ چيو ته 4,000 کان وڌيڪ رهائشي يونٽن جي مرمت جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي انھن گھرن کي يا تھ ميونسپل اختيارين بحال ڪيو آھي يا وري گھر مالڪن جي مالي مدد ڪئي وئي آھي.