تهران ۾ 36 ثقافتي ماڳ جنگ جا متاثر، 6 مڪمل تباهه

تهران ۾ 36 ثقافتي ماڳ جنگ جا متاثر، 6 مڪمل تباهه

دوحا (م ڊ) تهران سٽي ڪائونسل جي ثقافتي ورثي ڪاميٽي جي سربراهه احمد علوي چيو آهي ته آمريڪا، اسرائيل جي حملن ۾ تهران صوبي ۾ 83 تاريخي ماڳن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو، جن ۾ قومي ورثي جي فهرست جا 36 ماڳ شامل آهن. جيڪي ماڳ بحال ٿي سگهن ٿا انهن عمارتن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي جيڪي بحال ٿي سگهن ٿيون. احمد علوي واضح ڪيو ته متاثر ٿيل ماڳن مان 36 قومي ورثي جي فهرست ۾ آهن ۽ 45 تاريخي عمارتون آهن، جڏهن ته 6 ماڳ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن عمارتن مان ڪيتريون ئي فوجي، سيڪيورٽي ۽ انتظامي سهولتن جي ويجهو واقع آهن. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران جي ثقافتي ورثي جي وزارت مطابق، تقريبن 39,000 آثار قديمه جا ماڳ ملڪ جي قومي ورثي جي فهرست ۾ آهن.