توانائي بحران ٽارڻ لاءِ جي 7 ملڪ تيار

توانائي بحران ٽارڻ لاءِ جي 7 ملڪ تيار

لنڊن (م ڊ) دنيا جي 7 معاشي طاقتور ملڪن جي تنظيم جي سيون جو چوڻ آهي ته اهي توانائي مارڪيٽ کي بچائڻ ۽ موجوده عدم استحڪام کي محدود ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن. توانائي وزيرن ۽ مرڪزي بينڪرن جي هڪ آن لائن اجلاس کان پوءِ جي سيون ملڪن تي زور ڏنو ته هائيڊرو ڪاربن ۽ لاڳاپيل شين تي غيرمنصفاڻيون ايڪسپورٽ پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته G7 مرڪزي بينڪ قيمت جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ مالي پاليسي ڊيٽا موجب لاڳو رهندي.