توانائي ڪاميٽي ۾ ميمبرن جو چيئرمين خلاف واڪ آئوٽ: بجلي 10 کان 15 رپيا سستي ڪري سگهون ٿا: وزير
جنوري 10, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن جي وفاقي وزير اويس لغاري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، بجلي جي قيمت ۾ 10 کان 12 رپيا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، خواهش آهي ته بجلي جو اگهه 50 رپيا گهٽ ٿي وڃي، اويس لغاري چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ائين نٿو ٿئي، بگاس 8 پلانٽس جو جائزو وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، وڌيڪ 16 پلانٽس جي نظرثاني ڪنداسين اِن بعد حڪومتي پلانٽس جي ريٽرن آن ايڪٽوٽي جو مرحلو ايندو. هن مهيني جي آخر تائين ڪيپٽيو پلانٽس جو معاملو حل ڪيو ويندو. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته گهريلو صارفين لاءِ چئن رپين تائين بجلي سستي ٿي وئي آهي. ايندڙ پنجن ستن سالن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو 500 ارب رپيا منافعو گهريو پيو وڃي. اسان جي خيال ۾ اهو ناجائز آهي. هن چيو ته سيپڪو، حيسڪو جي بورڊ جي حوالي سان اِن ڪئمرا ڳالهائيندس. بورڊ جي تبديليءَ جي حوالي سان ان ڪمئرا سيشن کان علاوه ڪا ڳالهه نه ڪندس. هاڻي ئي ميٽنگ اِن ڪئمرا ڪري ڏيو بريفنگ ڏيندس. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته هاڻي اجلاس اِن ڪئمرا نٿو ٿي سگهي، هر شيءِ جو هڪ طريقيڪار هوندو آهي. ان حوالي سان سومر تي اجلاس رکنداسين. ڪاميٽي جي ميمبرن چيو ته جيڪڏهن اوهان ميمبرن سان گڏ ناهيو ته اسان واڪ آئوٽ ڪريون ٿا. ڪاميٽي ميمبر شهريار، شير علي، ارباب جنيد اختر ڪاميٽي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.