| توانائي گردشي قرضن لاءِ 659 ارب ۽ گهرو وزارت لاءِ 96 ڪروڙ منظور |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، توانائي شعبي ۾ سڌارن ۽ بقايائن جي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، توانائي شعبي جي گردشي قرض لاءِ 659.6 ارب جي حڪومتي گارنٽي جي منظوري ڏني وئي، گارنٽي قرضن ۽ آءِ پي پيز جي ادائگين لاءِ جاري ڪئي وئي. پرڏيهي ناڻِي تي رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ريميٽنس اسڪيمون ختم ڪيون وينديون، اي سي سي گهرو وزارت لاءِ 96 ڪروڙ جي فنڊز جي منظوري ڏني، ڀاڻ ڪارخانن لاءِ ماڙي گيس فيلڊ کان گيس فراهمي ۽ قيمتن جي منظوري ڏني وئي.