| توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران جي اپيل واري حق ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽ وڌي پئي وڃي: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي حق اپيل ۾ ڄاڻي واڻي پيدا ڪيل رڪاوٽن جي مذمت ڪريون ٿا. اڊيالا جيل اڊيالا عمران خان ۽ ان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي ڄاڻي واڻي انهن جي وڪيل تائين رسائي کان روڪيو پيو وڃي، ته جيئن هو توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ڏنل ناحق سزا خلاف اپيل لاءِ وڪالت نامي تي صحيحون نه ڪري سگهن. هي واضع سياسي انتقام ۽ انصاف جي راهه ۾ ڄاڻي واڻي وڌل رڪاوٽ آهي. وڪيل کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ، ملاقاتن جو شيڊول ۽ ليگل ڊيسڪ بند ڪرڻ ۽ وڪالت نامي جي عمل کان انڪار ڪرڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته هي سڀ ڪجهه منصوبا بندي سان ڪيو پيو وڃي. هي صرف انتظامي معاملو نه پر انصاف تائين رسائي روڪڻ جو غير قانوني عمل آهي. پنجاب جيل قانون 1978 جي قاعدن 178 ۽ 179 تحت هر قيدي کي هي قانوني حق حاصل آهي ته هو پنهنجي وڪيل سان قانوني ملاقات ڪري، وڪالت نامي ۽ ٻين قانوني دستاويزن تي صحيحون ڪري ۽ پنهنجي سزا خلاف اپيل داخل ڪري. جيل اختيارين کي قيدي ۽ انهن جي وڪيل جي وچ ۾ قانوني عمل ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهڻ جو ڪو اختيار حاصل ناهي. قيد دوران اپيل جي حق کان محروم ڪرڻ پنجاب جيل قاعدن ۽ قيدي جي بنيادي قانوني حقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي. هي سڀ قدم آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 10-A، آرٽيڪل 4، آرٽيڪل 9 ۽ آرٽيڪل 25 جي پڻ کلي ڀڃڪڙي آهن. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور عمران خان کي پنهنجي وڪيل تائين مڪمل ۽ بنا رڪاوٽ رسائي ڏني وڃي، وڪالت نامي تي صحيحون ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ اپيل جي آئيني ۽ قانوني حق ۾ روڙا نه اٽڪايا وڃن، ٻي صورت ۾ هي ظلم ۽ ناانصافي تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب طور لکجي ويندي.