راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانا ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ جج همايون دلاو جي سيڪيورٽي ۾ امڪاني رد عمل جي خدشي سبب واڌ ڪئي وئي آهي
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنهن بعد سندس سيڪيورٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي
ذريعن موجب توشا خانا ڪيس جي فيصلي بعد امڪاني رد عمل جي خدشي سبب جج همايون دلاور جي سيڪيورٽي اسڪواڊ ۾ 2 وڌيڪ پوليس اهلڪار شامل ڪيا ويا آهن
واضح رهي ته جج همايون دلاور خلاف فيس بڪ اڪائونٽ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي منفي مهم پڻ هلائي وئي هئي