اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ توشا خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٽرائل روڪڻ واري اپيل رد ڪري ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي واپس موڪلي ڇڏيو
جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عمران خان به عدالت ۾ پيش ٿيو
عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد ڪري توشا خانه ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موڪلي ڇڏيو، واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ وارو معاملو واپس ٽرائل ڪورٽ کي موڪليو هو
پي ٽي آءِ چيئرمين هاءِ ڪورٽ طرفان ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ قائم ڪئي هئي