توشا خانه ٽو ڪيس ۾ به عمران ۽ بشريٰ تي فرد جرم لاڳو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار

ڊسمبر 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانه ٽو ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، ٽرائل جي شروعات ٿي وئي. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. جج شاهه رخ ارجمند جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ چارج شيٽ پڙهي ٻڌائي. جوابدرن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. جڏهن ته 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي عدالت ۾ حاضر نه ٿي هئي. جنهن تي عدالت ان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. ان ڪيس جي جاچ پهريان نيب ۽ هاڻي ايف آءِ اي ڪري رهي آهي. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي تي سعودي عرب پاران ڏنل يلغاري جيولري سيٽ جي قيمت جو غلط ڪاٿو لڳائڻ، اختيارن جو غيرقانوني استعمال ڪندي تحفو گهر کڻي وڃڻ جو الزام آهي. جوابدارن تي ست ڪروڙ رپين کان ڌيڪ ماليت جي جيولري سيٽ جي قيمت صرف 52 لک لڳائڻ ۽ 29 لک رپيا ادا ڪري گهر کڻي وڃڻ جو الزام آهي.

Leave A Comment