اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اسٽي ملندي يا نه؟ اهم ٻڌڻي جاري آهي
عمران جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ٽرائل ڪورٽ اسان جي شاهد پيش ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي، اڄ حتمي دليل ٻڌي فيصلو ڪرڻ جو چيو ويو آهي جيستائين معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ هجي ڪو فيصلو ڪيئن ٻڌائي سگهجي ٿو؟ چيف جسٽس چيو ته اوهان جي هڪ درخواست ٽرائل ڪورٽ جي جج تعصب تي آهي، جج بابت ايف آءِ اي جي هڪ رپورٽ هاڻ ئي آئي آهي
وڪيل خواجه حارث چيو ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جج جي فيس بوڪ اڪائونٽ تان اها پوسٽ شيئر نه ٿي هڪ طرفي رپورٽ کي ڪيئن قبول ڪري سگهجي ٿو
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان چئو ٿا ته روز جي بنياد تي ٻڌڻي سان جج جو تعصب ظاهر ٿئي ٿو ، سياسي ڪيسن ۾ هڪ بحث صبح ۽ ٻيو بحث شام جو ٿيندو آهي، شام جو سياسي ڪيسن تي بحث سان هڪ عام راءِ جڙي ٿي
وڪيل خواجه حارث چيو ته جج جو اهو ڪم ناهي ته اهو سوچي ته فيصلي سان عوام ڇا سوچيندو، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته شام ۾ جيڪو بحث ٿيندو آهي ان جو هتي ٿيندڙ بحث کان وڌيڪ اثر ٿيندو آهي، شام جو ٿيندڙ بحث کي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وڌيڪ هوندا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا بابت پيمرا جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجود آهي، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان فيصلو ڏنو هو ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي تبصرو نه ٿيندو