عمران بابت توشا خانه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ اپيلون اڪلائي ڇڏيون

آگسٽ 4, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين توشا خانه ڪيس جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ توشا خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون

توشا خانه ڪيس ۾ عمران جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ۾ تبديلي ڪندي جسٽس مظاهر علي اڪبر جي جاءِ تي جسٽس اظهر حسن رضوي کي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو

جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي نئين بئنچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا

 سپريم ڪورٽ اپيلون اڪلائيندي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين توشا خانه ڪيس جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيترين ئي درخواستن تي فيصلو محفوط ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي

بينچ جي سربراهه جسٽس يحيٰ آفريدي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالت کان ڇا ٿا چاهيو جنهن تي وڪيل چيو ته في الحال اسان هن عدالت کان فيصلو نٿا چاهيون، هاءِ ڪورٽ کان فيصلو اچڻو آهي

عدالت ٻنهي ڌرين کان پڇا ڪئي ته ڪيس اڪلايو وڃي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث راضپو ڏيکاريو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پاران ڪيس خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي جيڪا عدالت منظور ڪئي بعد ۾ عدالت توشا خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون

هوڏانهن سيشن ڪورٽ ۾ عمران خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي

Leave A Comment