توشا خانه ڪيس: نيب جي استدعا رد، عمران جو جوڊيشل رمانڊ

ڊسمبر 16, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت توشا خانه ڪيس ۾ نيب طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو

 احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ٻيهر احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ان موقعي تي نيب جي ٽيم جسماني رمانڊ دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو، نيب 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي

عدالت نيب جي استدعا رد ڪندي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ ملاقات مثبت اڳڀرائي: بلاول

  • سخت جملن جي ڏي وٺ

  • آءِ ايم ايف مطالبا مڃيا آهن: وزيراعظم

  • ڪراچي ۾ نوجوان کي ڪانگو وائرس جي تصديق