اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت توشا خانه ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل پنهنجي اپيل واپس وٺِي ڇڏي
سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ توشا خانه تحفن جي نيلاميءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته نئين رولز جي روشني ۾ اپيل واپس وٺڻ چاهيون ٿا
جسٽس اطهر من الله چيو ته رولز تي نه وڃو، توشا خانه تي پهريان ئي گهڻي شرمندگي ٿي چڪي آهي، رولز جي ڳالهه ڪنداسين ته سوال اٿندا ته ڪهڙي قانون تحت قاعده ٺاهيا ويا، قاعدن جي ڳالهه رهڻ ڏيو، اپيل واپس وٺو ته ايئن واپس وٺو
ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته توشا خانه تحفن بابت نئون قانون منظوريءَ لاءِ صدر وٽ موجود آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته قانون ڀلي نئون ٺهي، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پنهنجي جڳهه تي برقرار
رهندو، هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو هو ته توشا خانه تحفا عوامي ملڪيت آهن، عوامي ملڪيت وارن تحفن جي نيلامي ۾ هر شخص حصو وٺي سگھي ٿو
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته تحفا عوامي ملڪيت آهن ته ايئن ممڪن ناهي ته صرف مخصوص ماڻهو ئي خريد ڪن، جسٽس اطهر من الله چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون موجب درست آهي، سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ ئي تحفا خريدڻ جو حقدار ٿي سگھي ٿو
ڊپٽي اٽارني جنرل ملڪ جاويد پاران حڪومت کان هدايت وٺڻ جي استدعا ڪئي جنهن بعد ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو، وقفي بعد حڪومت پنهنجي اپيل واپس وٺي ڇڏي