توشا خانه ۽ 190ملين پائونڊ ڪيس: عمران جي جيل ٽرائل خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

جنوري 25, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني تحريڪ انصاف جي 190 ملين پائونڊ ۽ توش خانه نيب ريفرنس ۾ جيل ٽرائل خلاف درخواستن تي محفوظ محفوظ ڪري ورتو. شعيب شاهين ايڊووڪيٽ چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته جيل ٽرائل نٿو ٿي سگهي پر پيرا ميٽرز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. جيل ٽرائل غير معمولي حالتن ۾ ٿيندو آهي جنهن لاءِ لاڳاپيل جج جو جوڊيشل آرڊر هجڻ لازم آهي. نيب وٽ وفاقي حڪومت کي جيل ٽرائل لاءِ لکڻ جو ڪو به اختيار نه هيو. اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب چيو ته اڳوڻي وزير اعظم جي سيڪيورٽي سبب ايئن ڪيو ويو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي مشتمل بينچ باني تحريڪ انصاف جي 190 ملين پائنڊ ۽ توشا خانه نيب ريفرنس ۾ جيل ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل شعيب شاهين ايڊووڪيٽ دليل ۾ چيو ته ريفرنس داخل ناهي ٿيو ۽ ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو، غير ضروري جلدبازي واضع آهي. نيب جي درخواست تي هڪ ئي ڏينهن ۾ سمري تيار ٿي ۽ ڪابينا کان منطور به ٿي وئي. ملڪ ۾ باقي سمورا ڪم به ايتري تيزيءَ سان ٿين ها ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ها. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مان به بلڪل اها ئي ڳاله ڪرڻ وارو هئس. اٽارني جنرل چيو ته اڊيالا جيل ۾ نيب ڪيسن جو ٽرائل اوپن ڪورٽ ۾ ٿي رهيو آهي. شعيب شاهين چيو ته عدالت احتساب عدالت جي جج، نيب ۽ وفاقي حڪومت جو ڪنڊڪٽ به ڏسڻو آهي. احتساب عدالت جي جج سمورن ڪيسن کي ڇڏي ٻن ڪيسن لاءِ روزانو اڊيالا جيل هليا ويندا آهن. اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب امجد پرويز چيو ته باني تحريڪ انصاف کي  190 ملين پائونڊ نيب ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو،نيب وفاقي حڪومت کي لکيو ته هي اهو ڪيس آهي جنهن سبب 9 مئي جا واقعا ٿيا. نيب وفاقي حڪومت کي جيل ۾ ٻڌڻي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ لکيو.  باني تحريڪ انصاف اڳوڻو وزير اعظم آهي. سيڪيورٽي معاملن سبب جيل ۾ ٻڌڻي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. شعيب شاهين ايڊووڪيٽ چيو ته جيل ٽرائل غير معمولي حالتن ۾ ٿيندو آهي لاڳاپيل جج کي پوءِ آرڊر ۾ غير معمولي حالتن جو ذڪر ڪرڻ لازمي هوندو آهي. نيب وٽ وفاقي حڪومت کي جيل ٽرائل جي لاءِ لکڻ جو ڪو به اختيار نه هيو. نيب وٽ سبب هئا ته لاڳاپيل عدالت آڏو رکي ها. پوءِ عدالت انهن حالتن کي ڏسي فيصلو ڪري ها. چيف جسٽس چيو ته اِن ۾ ڪو شق ناهي ته جيل ٽرائل غير معمولي حالتن ۾ ٿيندو آهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Comment