| توشه خانه مان ٻين به شيون ورتيون سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي : مرتضيٰ جتوئي |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي سميت ٻين ڌرين جا بيان قلمبند ڪري ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي جي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اڄ منهنجو ۽ ٻين جوابدارن جا بيان قلمبند ٿيا، شايد 22 جنوري تي آخري دليلن کان پوءِ فيصلي جو امڪان آهي، هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال عجيب ۽ بي يقيني واري آهي، خاص طور فرنٽيئر ۽ بلوچستان جون حالتون صحيح ناهن، پاڪستان مٿان معاشي دٻاءُ به گهڻو آهي، الله ڪندو پاڪستان هنن سڀني مسئلن مان نڪري ويندو، ڳالهيون ٿين پيون ته نوان صوبا ٺهن ۽ 28 هين ترميم ٿئي پر مان سمجهان ٿو ته نون صوبن سان پاڪستان جا مسئلا حل نه ٿيندا مشرف جي دور وانگر ملڪ ۾ مضبوط مڪاني نظام ٺاهي ڊويزنن ۽ ضلعن کي مضبوط ڪري وفاق جي طرفان سڌي ريت مڪاني ادارن کي پئسا ڏنا وڃن، صوبا پئسا منتقل نه ٿا ڪن جنهن ڪري ترقي نه پئي ٿئي جيڪڏهن مضبوط مڪاني نظام ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ٺاهيو وڃي ته ان سان پاڪستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن سان نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو ۽ مسئلا وڌندا،تنهن ڪري مان نه ٿو سمجهان ته نوان صوبا پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي، پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان ٻه کان ٽي ڀيرا ملاقاتون ٿيون جنهن چيو ته هو فيبروري ڌاري پنهنجي پارٽي جو اعلان ڪندو تازو ٻن مهينن کان جونيئر ذاتي مصروفيتن جي ڪري لنڊن ۾ آهي جنهن جي واپسي تي ساڻس ملاقات ٿيندي ته پوءِ خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي صورتحال آهي هن چيو ته مان جڊيشل ميٽر تي جڊيشري تي تبصرو ڪري نه ٿو سگهان پر توشه خانه واري ڪيس ۾ صرف عمران خان نه پر ٻيا به گهڻا ماڻهون هئا جن توشه خانه مان قانون جي حساب سان شيون ورتيون تنهن ڪري هڪ طرفه شيءَ ٿئي ٿي ته عوام سمجهندي ته هڪ طرفه هڪڙي ماڻهون جو احتساب ٿئي پيو، توشه خانه ۾ ٻين به گاڏيون ۽ ٻيون شيون ورتيون آهن ته پوءِ سڀني تي ڪارروائي ٿيڻ کپي.هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اپوزيشن جو ووٽ نه ورهائجي ۽ سنڌ ۾ ٿاڦيل بلا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون.