توشه خانه ڪيس: عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ، سڀاڻي طلب

جُولاءِ 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿي ساٿي وڪيل خواجا حارث جي مصروفيت سبب حاضريءَ کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز مخالفت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، ڄاڻي واڻي ڪيس جي ڪارروائي کي ڊلي ڪيو پيو وڃي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي

Leave A Comment