توهان رياست نٿا هلائي سگهو، باني سان ملاقات نه ڪرائي ته آءِ ايم ايف سان نه ويهنداسين: گنڊاپور
مَي 23, 2025
راولپنڊي(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته توهان رياست نٿا هلائي سگهو، باني سان ملاقات نه ڪرائي ته آءِ ايم ايف سان نه ويهنداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته باني تحريڪ هلائڻ جو مينڊيٽ ٻيهر مون کي ڏئي ڇڏيو، پئسا ڪمائيندڙ مون سان نظريي جي ڳالهه نه ڪن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته باني تيار آهي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ضرورت آهي، بجيٽ لاءِ 4 کان 6 ماڻهن کي باني پي ٽي آءِ سان ملڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ملاقات نه ڪرائي وئي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون نه ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ضرورت آهي، ڏنڊي جي زور تي پاڪستان کي نٿو هلائي سگهجي، تحريڪ انصاف جو مينڊيٽ چوري ٿيو، فارم 45 اسان وٽ آهي، اقتدار اسان حوالي ڪريو، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هئڻ گهرجي. گنڊاپور جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدالتي حڪم جي باوجود اسان کي ليڊر سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي.