توهان سان نرمي جو ڪٿي مثال نٿو ملي: عمران خلاف ڪيس ۾ جج جا رمارڪس

جُولاءِ 8, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ جج رمارڪس ڏنا ته توشا خانه ڪيس ۾ عدالت توهان سان انتهائي نرم رويو اختيار ڪيو آهي، اهڙي نرمي رويي جو ڪٿي مثال ئي نه ٿو ملي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج همايون  دلاور پاران اڄ به پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

سيشن جج همايون دلاور چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران خواجا حارث هڪ ڀيرو به پيش نه ٿيو آهي، عدالت جي نرم رويي جو ناجائز فائدو ورتو ويو آهي، اڄ توهان دليل نه ڏنا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ٻڌي فيصلو ڏئي ڇڏيندس

پي ٽي آءِ چيئرمين پاران اڄ وڪيل علي گوهر حاضريءَ کان ڇوٽ ۽ 10 جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جون 2 درخواستون داخل ڪرايون

Leave A Comment