توهان گورنر راڄ ۽ اسين عوامي راڄ لڳائينداسين: اچڪزئي

توهان گورنر راڄ ۽ اسين عوامي راڄ لڳائينداسين: اچڪزئي

ڪوئيٽا (م ڊ) پشتون خواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو آهي ته توهان همت ڪري گورنر راڄ لڳايو اسين عوامي راڄ لڳائينداسين. جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو  ته ڪي پي جو وڏو وزير سهيدل آفريدي 4 ڪروڙ عوام جو نمائندو آهي، ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جون ڌمڪيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، پر لڳائي ته ڏسو، ظلم خلاف اٿي بيهي رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي پارليامينٽ چاهيون ٿا جتي آئين، قانون  ۽ عوام جي حقن جون ڳالهيون ٿين.